ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جي آگاهي هوندي به “مجرماڻي غفلت” ڇو ڪئي وئي؟

0
159
ميڊيا ۽ اظهار جي آزادي آڏو رڪاوٽون جٽاءُ ڪري سگهنديون؟

  پاڪستان دنيا جي انهن انمول ملڪن ۾ سرفهرست آهي، جتي وسيع تر عوام جي مفادن وٽان ڪو به عمل عيب سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي عوام جي اڪثريت کي فائدو پهچائڻ جي بجاءِ وڌ کان وڌ نقصان پهچائڻ لاءِ تمام وڏي پئماني تي پلاننگ ڪئي ويندي آهي. هتي حڪمت عمليون ترتيب ڏنيون وينديون آهن ته عوام کي ڪهڙن ڪهڙن دوکن ۽ دولابن ۾ مصروف رکي، قومي دولت ۽ ناڻي تي ڌاڙو هنيو وڃي. عوام کي سک ۽ سهولتون ڏيڻ جي نالي ۾ قرض ۽ عالمي امداد وٺي ان کي ڪهڙي طرح هڙپ ڪرڻو آهي تنهن لاءِ جيڪي نان ڊگري ڪورسز ۽ پي ايڇ ڊيز گهربل هونديون آهن، اهي ته انهن کي ننڍپڻ کان وٺي وڏن جي قرباني عيوض “اعزازي” طور ملي وينديون آهن. عوام ۽ انسانيت جهڙن اعليٰ قدرن سان انهن جو پري پري تائين جو ڪو به واسطو ۽ تعلق نه آهي. ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي نالي ۾ اربين کربين رپيا کائڻ ۾ اهي جيڪي “اعليٰ” صلاحيتون رکن ٿا،

تنهن جو عوام تصور به نٿو ڪري سگهي. وري ساڳئي وقت ملڪ، قوم ۽ عوام جي اهنجن کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ اسٽيج تي اچي جنهن ڏک ۽ تڪليف جو اظهار ڪندا آهن، اهڙو اظهار شايد ڪو اداڪار به ڪري سگهي! عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جا جيڪي خواب اهي پيش ڪندا آهن ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ جيڪي سر ٽوڙ ڪوششون ۽ ڪاوشون ڪندا آهن، تن کي ڏسي ۽ پڙهي پڪ ٿي ويندي آهي ته آهي ته اجهو عوام جي قسمت تبديل ٿي. پر پنجهتر سالن کان اهو پنڌ کٽڻ جي بجاءِ وڌندو پيو وڃي، اميد جا ڪرڻا، ڪاري رات جي ويس ۾ ڍڪجي، مايوسي مان ماتم ڪرڻ جي منزل تي پهچي ويا آهن، پر اڃا باغي ٿي بغاوت جي باهه ڀڙڪائڻ جو سفر رهيل آهي، پنڌ ڀلي پري هجي، پر مجاهد اها منزل ضرور ماڻيندا. ان منزل ۽ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي رستي ۾ في الحال ان هٿرادو سيلاب ۽ ٻوڏ ۾ سڙي ۽ پچي رهيا آهن. جنهن کي هي فطرتي آفت چون ٿا، پر حقيقت ۾ اها فطري آفت نه فطري خطرو هئي، آهي ۽ رهندي. فطري آفت ۽ فطري خطري ۾ خود هڪ وڏو فرق آهي. دنيا هزارين سالن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان فطري آفتن جو مقابلو ڪري ان کان پاڻ کي بچائيندي ۽ ويجهڙ واري دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان ترقي ڪري، هاڻي دعويٰ سان چئي ٿي ته هن دنيا کي صرف ئي صرف فطري خطرا آهن، نه ڪي فطري آفتون. جنهن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ جا خطرا ۽ امڪان تمام وڏي پئماني تي گهٽجي ويا آهن. پر پاڪستان جا حڪمران طبقا اڃا فطري آفتن جي اوٽ ۾ عوام کي اڪيلو ڪري وڌ کان وڌ مال ميڙڻ ۾ لڳا پيا آهن.

2010ع جي مها ٻوڏ دوران پاڪستان کي عالمي ادارن ۽ گڏيل قومن پاران وارننگ ڏني وئي هئي ته پاڪستان دنيا جي نقشي ۾ اهڙي هنڌ تي موجود آهي جتي موسمي حوالي سان ٻه نظام هڪ ئي وقت هلي رهيا آهن، جنهن ۾ ڪڏهن سوڪهڙو هوندو ته وري ڪڏهن مها ٻوڏون، بارشون ۽ سيلاب ايندا، تن کان بچڻ لاءِ پاڪستان کي تمام تيزي سان ڪم ڪرڻو پوندو. گذريل ڏينهن هڪ عالمي نشرياتي اداري ۾ هڪڙي مفصل رپوٽ شايع ٿي آهي، جنهن ۾ ڳالهائيندي رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل نعيم خالد لوڌي چيو ته “آئون 2010ع جي ٻوڏ دوران دفاعي سيڪريٽري هئس، هڪڙي اعليٰ اجلاس دوران اسان کي ٻڌايو ويو ته موسمي تبديلين جي ڪري ايندڙ سالن ۾ پاڪستان ۾ تباهه ڪن مينهن، ٻوڏون، سوڪهڙا ۽ سيلاب ايندا، تن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هينئر کان اُپاءُ ورتا وڃن. پر اسان اهو موقعو وڃائي ڇڏيو ۽ خطري کي به نظر انداز ڪري ڇڏيو. گذريل ڏهن جي سالن جي عرصي ۾ اسان ان چئلينج کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، جنهن طرف عالمي برادري اسان جو ڌيان ڇڪايو هو.” ياد رهي ته 2010ع جي جولاءِ ۾ جيڪو پاڪستان ۾ سيلاب آيو هو،

جنهن ۾ 2000 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا هئا ۽ تقريبن 2 ڪروڙ پاڪستان متاثر ٿيا هئا. ايتري تباهي ٿيڻ جي باوجود به اسان جي رياست، رياستي ادارا ۽ مختلف وفاقي حڪومتن ان ڏس ۾ ڪجهه نه ڪيو ۽ ايندڙ تباهي ۽ بربادي جو انتظار ڪندا رهيا، جيڪي اڄ اسان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون. جڏهن عالمي برادري اسان کي اهڙي قسم جون سخت وارننگس ڏئي رهي هئي ۽ بار بار چيو پئي ويو ته ان ڏس ۾ ترت اپاءُ ورتا وڃن، تڏهن اسان جي سڄي اقتداري اشرافيه هڪڙي پاسي ڪرپشن ڪري مال ميڙڻ ۽ کائڻ ۾ مصروف هئي ته وري ٻئي پاسي طاهر القادري ۽ عمران خان سياست نه پر رياست بچائڻ جي نالي ڳجهن ادارن ۽ فردن جي ايجنڊا تي اسلام آباد ۾ مهينن جا مهينا ڌرڻا هڻي مخصوص ڌرين ۽ فردن جي مفادن جو پورائو ڪري رهيا هئا. اسان جي اقتداري اشرافيه کي افغانستان ۾ انسانن جي قتل عام جو فڪر هو ۽ طالبان کي ٻيهر اقتدار ۾ حصو ڏيارڻ جي لاءِ سر ٽوڙ ڪوششون وٺي رهيا هئا، پر هيڏانهن پنهنجي ملڪ ۾ ڪروڙين انسانن کي درپيش سخت خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن وٽ نه وقت هو ته نه وري پرواهه. پنهنجي ملڪ اندر عوام کي درپيش خطري کان بچائڻ لاءِ نه ڪو فڪر هو ته نه ئي ڪي وسيلا هئا.

آمريڪا، چين، روس، برطانيه، ترڪي، انڊونيشيا، سعودي عرب، متحده عرب امارت ۽ ٻين ملڪن جا اعليٰ سطحي وفدن سان گڏ دورا ڪيا ويا ۽ طالبان کي افغانستان ۾ ڪهڙي طرح اقتدار ڏنو وڃي تنهن لاءِ ٻه ٻه ٽي ٽي عالمي ڪانفرنسون منعقد ڪيون پئي ويون. پر پنهنجي ڪروڙين عوام کي سوڪهڙي، سيلاب، بارشن ۽ ٻوڏ کان بچائڻ جي لاءِ هڪڙي به عالمي ڪانفرنس نه ڪوٺائي وئي. 2010ع جي ٻوڏ وقت نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي پاران هڪ ايڪٽ آندو ويو هو جنهن ۾ واضح طور چيو ويو ته پاڪستان ۾ ٻوڏن، سيلابن، بارشن ۽ سوڪهڙي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ضلعي سطح تي “ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينجمينٽ” جو ادارو جوڙيو ويندو، پر ان تي ڪو به عمل نه ٿيو. جيڪڏهن ضلعي سطح تي اهڙا ادارا جوڙي ڪم ڪيو وڃي ها ته شايد ايتري تباهي نه ٿئي ها. وڏي ڳالهه ته اسان وٽ ان شعبي سان وابسطا ڪي به ماهر موجود نه آهن، گذريل ڏهن سالن ۾ صرف ٽي کان چار عالمي سطح جا ماهر تيار ٿيا هئا، پر رياست ۽ حڪومتن جي عملن ۽ فيصلن ڪري اهي ماهر پاڪستان کي الوداع چئي عالمي اين جي اوز ۽ اقوام متحده جي ادارن ۾ وڃي ڪم کي لڳا.

هاڻي جڏهن ايڏي تباهي ٿي وئي آهي، تڏهن وڏي افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جا رياستي ادارن جا سربراهه، وزيراعظم صاحب، وزيراعليٰ صاحب ۽ ٻيا وفاقي وزير عوام آڏو اچي چون ٿا ته هي قدرتي آفت آهي، تنهن کي اسان ڇا ٿا ڪري سگهون، بس جيڪا رب جي رضا. پر ڪو به اهو اعتراف نٿو ڪري ته ان فطري خطري کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گذريل ڏهن سالن ۾ اسان ڪجهه به نه ڪيو، اسان پاڻ ۾ ڪرسي ۽ اقتدار لاءِ وڙهندا رهياسين، اسان مال ميڙڻ، ملڪ کي تباهه ڪرڻ، عوام جي اهنجن کي وڌائڻ ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو ورتو، پر ڪروڙين عوام کي جيڪي لاحق خطرا هئا، تن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙو به قدم نه کنيوسين. ڇا رياست، رياستي ادارا، پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف جن جون ان دور ۾ وفاقي حڪومتون رهيون، اهي ميڊيا ۾ اچي عوام آڏو اعتراف ڪندي معافي گهرندا؟

پنهنجن ڪيل تاريخي ۽ ڏوهاري غفلتن تي افسوس جو اظهار ڪندا؟ اهي اچي چوندا ته هائو ٻيلي اسان کي ڏهه سال اڳ آگاهه ڪيو ويو هو؟  اسان جي اقتداري اشرافيه وٽ اهڙي اخلاقي جرئت ڪٿي! انهن وٽ عوام جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ ڪجهه نه ڪرڻ جا سوين هزارين عذر عظيم اڳئي قطار لڳايو بيٺا آهن، جنهن جي اهڙي پيشڪش ڪندا، جو عوام کي آساني سان اندازو ٿي ويندو ته ويچارن جو ڪهڙو ڏوهه. اهو ئي سبب آهي جو اهي بار بار چون ٿا ته اها قدرتي آفت آهي يعني قدرت پاڻ ڪيو آهي، تنهن ۾ حڪومت، رياست ۽ رياستي ادارن، وزيرن ۽ ڪبيرن جو ڪهڙو ڏوهه؟ انهن کي ته طالبان، افعانستان، آمريڪا، ڀارت، سعودي عرب، نواز شريف کي نااهل ڪرائڻ، عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ ڪڍائڻ جهڙا ڪم ڪرڻا هئا، اهي انهن وڏي فخر ۽ خوشي سان سرانجام ڏنا. باقي ڪروڙين عوام جي زندگي ۽ جان مال کي جيڪو خطرو هو، تنهن کي مُنهن ڏيڻ جي ذميواري خود عوام تي هئي، تنهن اها ذميواري پوري نه ڪئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اها اڄ پاڻ ان جو کاڄ بڻي آهي، باقي شابس آهي سڄي اقتداري اشرافيه کي جيڪا جهازن ۾ چڙهي ان جو تماشو ڏسڻ لاءِ روز ڪٿي نه ڪٿي پهچي ٿي.

[email protected]