ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڳڙهي خيري ۽ شهدادڪوٽ ۾ جلباڻي- ڪٽوهر تڪرار تان ٻارن سوڌو 8 ڄڻا قتل ڪيا ويا آهن، برادرين جا خوني تڪرار ڪيئن ختم ڪري سگهجن ٿا؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وڏيرا، سردار، ڀوتار برادرين جي جهيڙن جا ذميوار هوندا آهن جيستائين انهن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي امن نه ٿيندو، تعليم عام ڪرڻ سميت سڄاڻ ڌرين کي جهيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪري ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي، جهيڙيندڙ ڌرين کي بي هٿيار بڻايو وڃي، سرداري نظام ختم ڪريو جھيڙا پاڻھين ختم ٿي ويندا. قبائلي تڪرارن ۽ جهيڙن ۾ گهڻو ڪردار برادري جي چڱن مڙسن جو هوندو آھي هنن کي پابند ڪيو وڃي ته آئنده رتو ڇاڻ نه ٿئي ٻي صورت ۾ هنن خلاف ڪارروائي ٿيندي.سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي صدام ڪولاچي لکيو ته معاشري ۾ اڻ سھپ جو مادو وڌي ويو آھي، جاڳرتا جي ضرورت آھي، فرسٽريشن به جھيڙن جو مک ڪارڻ آھي، تڪرار روڪڻ ۾ حڪومت ۽ پوليس ناڪام ٿي ويا آهن جنهن ڪري جرڳا ڪاروبار بڻجي ويا آهن. خادم گهراڻو لکيو ته برادرين جا جيڪي اڳواڻ آهن انهن کي تڪرار نبيرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ جهيڙي جو اصل سبب تعليم جي گهٽتائي آهي تعليم عام ڪرڻ گهرجي هنن جهيڙن ۾ معصوم به گولين جو شڪار ٿيو وڃن ٿا جن جو ڪوبه ڏوهه نه آهي، مسرور کهڙو لکيو ته قومپرست ۽ سياسي سماجي ڌرين کي گھرجي ته سنڌ ۾ اھڙن تڪرارن جي خاتمي لاءِ مھم ھلائي ڪردار ادا ڪن.آزاد انور مهر لکيو ته جيستائين ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ اشرافيا کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويندو جهيڙيندڙ ڌرين کي بي هٿيار نه ڪيو ويندو تيستائين سنڌ امن لاءِ سڪندي رهندي. علي رضا ٻرڙو لکيو ته وڏيرن کي گرفتار ڪرائي پوليس مان سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي ڇو ته قبيلائي جهيڙن ۾ وڏيرن جو اهم ڪردار آهي، سارنگ منير سومرو لکيو ته جتي قانون، رياست ۽ پوليس جو ڪردار ناهي هوندو اتي اهڙا ڪهر ٿيندا آهن، رزاق بجير لکيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي تحرڪ وٺي سنڌ ۾ قبائلي تڪرار ختم ڪرڻ گهرجن جرڳائي سسٽم تي مڪمل طور پابندي عائد ڪئي وڃي. سنڌ جي تمام گهڻ گهرن، ساڃاھ وند ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، صبغت الله رند لکيو ته 9 ڄڻا مارجي ويل آهن جهيڙي دوران جنهن ۾ 6 ڪٽوهر 3 جلباڻي شامل آهن جڏهن ته هلندڙ خوني تڪرار دوران ڪل 16 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جن ۾ هڪ واٽهڙو به شامل آهي.ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته جنهن به برادرين ۾ جهيڙا ٿين ٿا انهن جا اڻ سڌي طرح زميوار ننڍا ۽ وڏا ڀوتار آھن. ڇو ته اهي برادرين ۽ ٻن ڌرين جي معمولي اختلافن تي ڌيان ڪو نه ٿا ڏين نه وري حد جي پوليس بيواجبي ڪندڙن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي ٿي، اڳرائي ڪندڙن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي.شاهد ڏاهري لکيو ته سنڌ ۾ خوني جهيڙا تعليم سان ئي ختم ڪري سگهجن ٿا، خالد ابراهيم راڄپر لکيو ته 90 سيڪڙو تڪرار وڏيرن ڀوتارن جي سرپرستي ۾ ٿيندا آھن جيڪي ڪڏهن نٿا چاهن قوم پڙھيل لکيل هجي، ضياءَ ناريجو لکيو ته برادرين جا چڱا مڙس سچا ٿين ته پاڻ ئي امن ٿي ويندو، نماڻو نوناري لکيو ته قانون نالي ۾ آهي، جنهن ڪري ماڻهن کي بيدردي سان ماريو پيو وڃي. جنيد جبار دائودپوٽو لکيو ته ٻنهي ڌرين کي نبيرڻ لاءِ رياست پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ۽ سزا ۽ جزا واري عمل کي يقيني بڻائي، بخش علي مهر لکيو ته سنڌ ۾ ورهين کان هلندڙ قبيلائي جهيڙن جي جوابدارن کي ڍر ملندي پئي اچي پوليس ۾ سخت ڪارروايون ڪرڻ جي صلاحيت ناهي؟ جڏهن درجن لاش ملن ٿا ته پوءِ سردار جرڳا ڪن ٿا، قانون جي سزا کان سواءِ تڪرار ختم نه ٿيندا، عبدالوحيد ڀٽو لکيو ته جيسين ظالم وڏيرن جي غلامي ۽ خوشامند بند نه ٿيندي تيسين اھي ڪلور ٿيندا رھندا، مير ڀٽي لکيو ته قبائلي تڪرارن ۽ جهيڙن ۾ گهڻو ڪردار برادري جي چڱن مڙسن جو هوندو آھي هنن کي پابند ڪيو وڃي ته آئنده رتو ڇاڻ نه ٿئي ٻي صورت ۾ هنن خلاف ڪارروائي ٿيندي. اياز چانڊيو لکيو ته قانون جي رٽ بحال نه هجڻ ڪري قبيلائي تڪرارن ۾ واڌ ٿي آهي سنڌ ۾ هزارين جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، راسومل لکيو ته جتي اهڙيون حالتون هجن اتي فوج گهرائي وڃي امن ٿي ويندو، وحيد ڳاهو لکيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اُتر سنڌ جي انهن ضلعن جتي قبائلي دهشتگرديءَ جي باهه ٻريل آهي، اُتي انهن مضبوط، بهادر، قابل ۽ ذميوار پوليس آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي، علي رضا شاهه لکيو ته جتي تعليم هوندي آهي اتي اهڙا واقعا ناهن ٿيندا، ممتاز علي مهر لکيو ته ڪنهن به قاتل کي بخش نه ڪجي صرف قانون تي صحيح طريقي سان عمل ڪرائجي، مک جوابدارن کي سزائون ڏنيون وڃن، پيار خان سنجراڻي لکيو ته سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ناسور جي صورت اختيار ڪري ويا آهن جيستائين سرداري سسٽم هوندو تيستائين اهي تڪرار هلندا رهندا معاشري جا سٺا فرد سوشل ورڪر اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جبار لغاري لکيو ته قانوني رٽ سان قبيلائي تڪرار ختم ڪري سگهجن ٿا، دليپ ڪمار لکيو ته ڌرين کي اختلاف ختم ڪري ٺاهه ڪرڻ گهرجي، گلاب خاصخيلي لکيو ته تعليم سان گڏ شعوري پروگرام ڪوٺايا وڃن، علي مراد لاشاري لکيو ته جيستائين قانون جي مڪمل رٽ بحال نه ٿيندي تيستائين سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ويڙھن جا ويڙھا ويران ڪندا. زاهد گل مجيداڻو لکيو ته اھي قبيلائي علائقا آهن سرداري نظام ختم ڪريو جھيڙا پاڻھين ختم ٿي ويندا،شهزاد سليم راڄپر لکيو ته تعليم عام ڪئي وڃي، نياز ڪلوئي لکيو ته جنهن مسئلي تي جهيڙو آهي اهو حل ڪيو وڃي، ذاڪر شر لکيو ته وڏيرن ڀوتارن جي ڪردار جي خاتمي تائين جهيڙا ختم نه ٿيندا، اقبال سميجو لکيو ته نبيرو ڪرڻ گهرجي، مير ذوالفقار چانڊيو لکيو ته پيار محبت سان منٿ ميڙ قافلا ڪري ٻنهي ڌرين کي ٺاھ تي راضي ڪجي. موهن لال لکيو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ امن ٿي سگهي ٿو ته پوءِ برادري تڪرار حل ٿيڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي، عزيز ڀائي لکيو ته جنهن به علائقي ۾ امن امان جو مسئلو ٿئي اتان جي نواب، سردار، ڀوتار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، صدرالدين جوڻيجو لکيو ته جيجل جي جهولي ۾ لولي سان ننڊ سمهندڙ معصوم فجر جي پهر قبيلائي هٺ جي ور چڙهي گولين جو کاڄ بڻجي ويو، افسوس ٿيو، سڪندر علي، آغا حسيب، سڪندر بلوچ، سليم اختر، ربنواز شر، وفا بابو پٺاڻ، مسرور شر، سينگار علي، ساگر امير حيدر، شمس الدين رند، علي محمد کوسو، اسد عباس، حبدار علي وارث، راشد علي ڀرڳڙي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.