سکر (بيورو رپورٽ) ٻيلي کاتيءَ جو سڌوجا جي ڪچيءَ ۾ عدالتي حڪم تي قبضن خلاف آپريشن لاءِ ٻيلي کاتي جي ٽيم پھچڻ تي جديد ھٿيارن سان ھوا فائرنگ ڪئي وئي،ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس جي وڏي نفري موجود ھجڻ باوجود ھٿياربندن وڏي پئماني تي ھوائي فائرنگ ڪئي، پرٻيلي کاتي جي ٽيم ڊي ايف او ضياد اللھ لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ آپريشن ڪيو، ذريعن موجب آپريشن دوران ڪمند جو فصل ڀيلايو پئي ويو تہ نامعلوم ھٿياربندن ھوائي فائرنگ ڪئي، فائرنگ سبب ٻيلي کاتي جي عملي ۾ خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو، ٻيلي کاتي جي ٽيم آپريشن اڌ ۾ ڇڏي محفوظ واپسيءَ جي ڪوششن ۾ لڳي وئي.