اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي مذهبي مامرن بابت خاص صلاحڪار حافظ طاهر اشرفي چيو آهي ته هن سال پوري پاڪستان ۾ هڪ ئي ڏينهن رمضان ۽ هڪ ئي ڏينهن عيد ملهائڻ جو اعلان ڪنداسين، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪٿي به مسجد يا مدرسي جي رجسٽريِشن منسوخ ناهي ڪئي وئي، حڪومت ڪنهن به مدرسي يا مسجد تي قبضو نه ڪري رهي آهي، پر اڄ مدرسا ۽ مسجدون پهرين کان وڌيڪ آهن، هن جو چوڻ هو ته مسجدن ۾ رمضان المبارڪ جي دوران احتياطي تدبيرن جو خاص خيال رکيو ويندو، گذريل سال جيان هن سال به ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪيو ويندو، عبادت ۽ احتياط گڏ ٿيڻ گهرجن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو آهي ته رويت هلاڪ ڪميٽي جو اجلاس هن ڀيري پشاور ۾ ٿي رهيو آهي، هن ڀيري هڪ ئي ڏينهن رمضان ۽ هڪ ئي ڏينهن عيد جو اعلان ڪنداسين.