ڪراچي: ( بيورو رپورٽ ) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مقرر سنڌ جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ آفيسرن توڙي ملازمن جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي: نيب جو سنڌ سرڪار کي خط، سيڪريٽري سروسز کي لکيل خط ۾ نيب چيو آهي ته، هڪ شڪايت جِي جاچ هلندڙ آهي، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ مقرر هڪ کان 22 هين گريڊ جي انهن آفيسرن ۽ ملازمن جو ريڪارڊ ڏنو وڃي، جن جو واسطو سنڌ جي ٻين ضلعن سان آهي، ذريعن موجب نيب جي اهڙي خط کانپوءِ سروسز کاتي مختلف ضلعن کان رڪارڊ گهرائي ورتو