پني عاقل مان اغوا ٿيل 2 مغوي بازياب نه ٿيا، وارثن کان ھڪ ڪروڙ ڀنگ طلب

0
189

پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل مان اغوا ٿيل 2 مغوي بازياب نه ٿيا، وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب، 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل جميل ورند ۽ ذاڪر شاهه جي وارثن کي ڌاڙيلن طرفان فون ڪيو ويو، مغوي جميل ورند جي نمبر تان تان ڏوھارين سندس وارثن سان رابطو ڪيو، مغوين جي وارثن جو چوڻ ھو تھ ڌاڙيلن فون ڪري ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ گھريو ويو آھي.