نوشين بخاري واقعو: وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ جي نوٽيس وٺڻ بعد ڪميٽي قائم

0
234

لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) وڏي وزير ۽ آءِ جِي سنڌ جَي نوٽيس وٺڻ بعد ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ طرفان سي ايم سي پهچي شاگردياڻي نوشين جي روم جو معائنو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ وي سي وچ ۾ ملاقات نوشين بخاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

 ذريعن موجب آءِ جي سنڌ طرفان نوشين بخاري جي واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جاچ ڪميٽي شاگردياڻي نوشين بخاري جو موبائيل فون تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، انتظاميا طرفان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ترديسي عمل بند ڪري ڇڏيو، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شاگردن جا نوشين بخاري واقعي خلاف مظاهرا، شاگردن جو چوڻ آهي ته سي ايم سي انتظاميا شاگردن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، نوشين بخاري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو: شاگردياڻي نوشين استاد بخاري جي ڏوهٽي هئي، ڪمري مان خط به هٿ