جهنڊومري (رپورٽ: ڦولچند ناکاڻي) جهنڊومري واسين ثقافتي ڏهاڙو سنڌو تو۾ ساه اسان جو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيوآهي.  جهنڊومري جي مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين طرفان ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ايڪتا ڏهاڙي جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي تعلقه پريس ڪلب جهنڊومري جي صدر محمد رمضان منگڻهار  ڦولچند ناکاڻي ڪرشن لال سوٽهڙ خليل الرحمان لنڊ امداد حسين لنڊ وليد بلوچ  ملڪ حسين  لنڊ آصيف مچ ڪچهيري ڪوٺائي وئي مچ ڪچھري  ۾ سگهڙ پرسو لال سوٽھڙ ڀڳڙو مل   ۔ ۽ ٻين ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبارجي سرواڻ علي قاضي جي اعلان جي ڀرپور آجيان ۽ حمايت ڪريون ٿا هنن چيو ته سنڌو تو ۾ ساه اسان جو جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو عيد جيان ملهائينداسين 5 ڊسمبر تي اسان جي ثقافتي عيد آهي سنڌ تو ۾ ساھ اسان جو  جي  ۾ شاندار ريلي ڪڍي ويندي ۽ مچ ڪچهرين ذريعي پنهنجي عظيم ثقافت کي اجاگر ڪنداسين ۔ هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت عظيم ۽ 5 هزار سال قديم ثقافت آهي جنهن کي علي قاضي اجاگر ڪيوآهي اسين ان کي سلام پيش ڪريون ٿا ۔ اسان ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏ ملهائينداسين سنڌواسين کي به اپيل ڪئي آهي ته ايڪتا ڏهاڙو * سنڌو تو۾ ساه اسان جو * جي سري هيٺ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏ جوش ۽ جذبي سان ملهائين.