اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي قيادت ڪنهن کان به معافي وٺڻ کان انڪار ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس رد ڪندي چيو آهي ته اسان اڄ به مطالبو ڪريون ٿا ته 9 مئي بابت جڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي اسان 9 مئي ته پر امن احتجاج ڪنداسين. پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر خان اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ آمريڪا جي مداخلت جو الزام حڪومتي سطح تي اٿاريو هو هن سپريم ڪورٽ جي خاص سيٽن بابت فيصلي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ڪنهن به پارٽي کي کٽيل سيٽن کان محروم نه ٿو رکي سگهجي. هن چيو ته اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ فارم 47 جو اعتراف ڪيو آهي عدليا اليڪشن ڪميشن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪري. عمران آمريڪي سفير سان ملاقات تي به اطمينان جو اظهار ڪيو هن چيو ته 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ڪٿي آهي؟ ان تي جڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڪريون ٿا آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ لاءِ مداخلت جو الزام نه لڳايو هو. شعيب شاهين چيو ته 9 مئي رياست جبر کان شروع ٿيو عمران خان کي رياستي ادارن اغوا ڪيو سمورن واقعن تي چيو ويو سي سي ٽي وي فٽيج خراب آهي. هڪ انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته  اسان جي پارٽي ڪنهن کان به معافي نه وٺندي، پنهنجي پيءُ لاءِ معافي نه ورتي ته پوءِ ڪنهن لاءِ معافي ڇو وٺون. پي ٽي آءِ جي ترجمان رئوف حسن چيو ته 9 مئي واقعن جي جاچ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون. جڊيشل ڪميشن 2014 جي ڌرڻي سان گڏ رجيم چيج، سائفر، عمران تي حملي، آڊيوليڪس، 8 فيبروري جي چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري، جبري سياسي طلاق ۽ سياسي انجنيئرنگ جي به جاچ ڪري.