اسلام آباد(بيورورپورٽ) 9 مئي واقعن کي سال پورو ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس سڀاڻي 9 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي جيڪو پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف 9 مئي واقعن تي خاص خطاب ڪندو ۽ واقعن جي مذمت ڪئي ويندي. شهيدن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ويندو. ڪابينا ۾ جمهوري روين کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويندو.