حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان: حيدرآباد ۾ پيپر آئوٽ، 97 اميدار ڪاپي ڪيس،تعليمي بورڊ حيدرآباد جي ماتحت نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن. ريجن جي حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، مٽياري، ڄامشورو، ٺٽو، بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ دادو ضلعن ۾ پهرين ڏينهن تي ويجيلنس ٽيمن 21 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو. ان سلسلي ۾ ڪنٽرولر مسرور زئي جو چوڻ آهي ته صبح جي وقت نائين ڪلاس جي شاگرد ۽ شاگردياڻين کان سنڌي، اردو ۽ جاگرافي آف پاڪستان جو امتحان ورتو ويو جڏهن ته شام جي وقت اميدوارن اسلامڪ هسٽري جو امتحان ڏنو. امتحان دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم سينٽرز تي وقت کان اڳ پيپر آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته اميدوارن پاران سينٽرز تي موبائيل فون ذريعي ڪاپي ڪري پيپر حل ڪيا ويا. ڪجهه سينٽرن تان صبح جو ساڍي 9 وڳي پيپر سوشل ميڊيا جي زينت بڻيو جنهن بعد اميدوارن جي حامين پاران آساني سان پيپر ۾ لکيل سوالن جا جواب موبائيل فون ذريعي واٽس ايپ گروپن ۾ رکيا ويا جنهن بعد انهن سرعام ڪاپي ڪري پيپر حل ڪيا. تعليمي بورڊ جي ڪنٽرولر دعويٰ ڪئي ته سندن ڪو به پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ناهي ٿيو. ريجن ۾ 268 امتحاني سينٽر قائم ٿيل آهن ان ڪري پيپرن ۾ سمورن سينٽرن جا الڳ الڳ ڪوڊ شامل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته تعليمي بورڊ پاران ساڍي 9 وڳي پيپر سينٽرز تي پهچايو ويو، پوءِ اهو 9 وڳي ڪئين سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو هوندو. ڪنٽرولر اها به دعويٰ ڪئي ته ساڍي 9 کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پهتل پيپر کي هو وائرل ٿيڻ جو رنگ نٿا ڏئي سگهن ڇاڪاڻ ته جمع تلاشي باوجود ڪجهه اميدوارن جا موبائيل فون ڳجهن هنڌن تي لڪل هئڻ سبب ٽيمون هٿ ناهن ڪري سگهنديون ان ڪري ممڪن آهي ته اهي نوجوان ئي پيپر سوشل ميڊيا تائين پهچائيندا هوندا. هوڏانهن امتحان دوران تعليمي بورڊ جي انتظاميا جيتوڻيڪ حيسڪو اختيارين کي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪرڻ جي گذارش ڪئي هئي پر حيسڪو عملي صبح جي وقت توڙي شام جي وقت ٿيندڙ پيپرز دوران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي جنهن ڪري سخت گرمي ۾ بنا بجلي جي پيپر حل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون بي حال بڻيل رهيون. ٻئي طرف اميدوارن تعليمي بورڊ پاران جاري ايس او پيز تي عمل نه ڪيو جڏهن ته قلم 144 تي عمل نه ٿيڻ سبب سينٽرن ٻاهران ڪاپي ڪرائڻ لاءِ اميدوارن جي حامين جا به ميلا متل رهيا.ٻي طرف  سکر  تعليمي بورڊ سکر جي انتطامن هيٺ ڪالهه نائين جي ڪيمسٽري ۽ ڏهين جماعت جي بايولاجي جو پيپر ورتو ويو، ڄاڻايل نائين ۽ ڏهين جماعت جي پيپرن ۾ سکر ڊويزن ۾ مجموعي طور تي پيپرن ۾ 76 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، گهوٽڪي  ۾ 33، خيرپور ۾ 37 ۽ سکر ۾ 06 شاگرد ۽ شاگردياڻين کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو.