بدين(رپورٽر) بدين ضلعي اندر حيدرآباد بورڊ پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا امتحان 07 مئي ڪالھه اڱارو جي ڏينهن کان شروع ٿي چڪا، سالٽ پيپر کڻي ايندڙ گاڏي رستي ۾ خراب ڪلاڪ دير سان پيپر شروع ٿيا ڊي او ايجوڪيشن ٽائيم  هڪ ڪلاڪ وڌائي ڇڏيو،بدين ضلع اندر تقريبن 38 امتحاني سينٽر ٺاهيا ويا  جن جي سيڪيورٽي لاءِ پڻ انتظاميه 2 سئو کان مٿي پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ڪاپي جي روڪٿام لاءِ امتحاني سينٽرجي حدن ۾ فوٽو اسٽيٽ مشينن جا دڪان امتحان هلڻ تائين بند رکڻ ۽ گڏوگڏ امتحاني سينٽرن  جي حدن ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، امتحاني سينٽراندر اميدوار کي موبائل فون کڻي اچڻ جي اجازت بلڪل ناهي تعليم کاتي پاران بورڊ جي نگراني هيٺ تعليمي عملدارن ماسترن تي مشتمل ويجلينس ٽيمون ترتيب ڏنيون آهن،  جيڪي سيڪينڊري استادن جي تنظيم گسٽا جي اڳواڻن جي مشاورت سان جوڙيون ويون آهن، گڏوگڏ حيدرآباد بورڊ جون ٽيمون به امتحاني سينٽرس جا اوچتا دورا ڪري ڪاپي جي روڪٿام يقيني بڻائينديون، ٻئي طرف پهرين ڏينهن تي نائين ڪلاس جا سالٽ پيپر گاڏي خراب ٿيڻ ڪري دير سان پهچڻ سبب شاگردن کي انتظار ڪرڻو پئجي ويو، جنهن کان پوءِ ڊي او ايجوڪيشن سيڪينڊري عمران شاھ هڪ ڪلاڪ وڌائي ڇڏيو جڏهن ته امتحاني سينٽرن تي  ڊي او سيڪينڊري عمران شاھ تعلقا ايجوڪيشن آفيسر دلاور هليو مانيٽرينگ آفيسر سڪندر سومرو پاران پڻ دورو ڪيو ويو، دوري دوران اسڪول جي  پرنسپل ميڊم آپا حليمان  خاصخيلي  طرفان امتحاني سينٽر تي نياڻين لاءِ  پيئڻ جي پاڻي بجلي جو بهترين  بندوبست  ڪرڻ تي ساراهيو هنن  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي هلندڙ امتحانن دوران ڪاپي ڪلچر کي مڪمل روڪيو ويو آهي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته هو موبائيل فون گهر ڇڏي اچن جنهن لاءِ سيڪورٽي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي.