دوڙ (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو جي عنوان هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي دوڙ شهر جو ٽيس پبلڪ هائيرسيڪنڊري اسڪول  به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو، ٽيس پبلڪ هائيرسيڪنڊري اسڪول جي شاگردن مختلف ٽيبلوز پيش ڪري ثقافتي ڪلامن تي جهمريون هنيون. ان موقعي اسڪول جي پرنسپال ڪرم علي جمالي، سر شاهه محمود بروهي ۽ ٻين چيو ته اسان ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي هر سال جيان هن سال به ثقافتي عيد ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪيون ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙي ڪردار ادا ڪندڙ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار هر وقت پنهنجو پاڻ ملهايو آهي جنهن تي سڄي ٽيم جس لهڻي.