ڦل (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران “سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو” جي عنوان هيٺ  ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي هاءِ اسڪول ڦل به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو. هاءِ اسڪول ڦل جي شاگردن مختلف سنڌي لوڪ گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري جهمريون هنيون. جڏهن ته اسڪول جي هڪ استاد عمران علي راجپوت ۽ شاگردن گڏجي هٿ سان 4 فوٽن جي سنڌي ٽوپي، سنڌ جو نقشو ۽ يڪتارو ٺاهي پيش ڪري ڏسندڙن کان داد وصول ڪيو. گڏوگڏ شاگردن سنڌ جي ثقافت جي موضوع تي تقريرون پڻ ڪيون ۽ ترنم سان سنڌي ڪلام پيش ڪيا ۽ سنڌ جي ثقافتي راند ملهه راند پڻ ڪئي. اڳواڻن تقرير ڪندي چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي ڏنل سڏ تي هر سال جيان هن سال به ثقافتي عيد ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪيون ٿا. جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ سنڌ جي لوڪ فنڪار مرحوم جلال چانڊيو جي فرزند يڪتاري ۽ چپڙي جي ڀلوڙ راڳي دلبر جلال چانڊيو ۽ سيد عزيزالله شاهه سنڌي گيت ڳائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.