لاڙڪاڻو: شاگردياڻي نوشين استاد بخاري جي ڏوهٽي هئي، ڪمري مان خط به هٿ

0
1071
لاڙڪاڻو: شاگردياڻي نوشين

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليڪ جي گرلز هاسٽل مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو، اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ هو ته شاگردياڻي نوشين جي ڪمري مان خط مليو آهي، نوشين جي ڪلاس فيلو چوي ٿي ته  روم ميٽ ٻاھر وئي ٻن ڪلاڪن بعد آئي ته دروازو بند ھو

هن چيو ته خط کي في الحال ھٿ ناھي لڳايو  ويو والدين ايندا ته پوء ميڊيا آڏو ظاھر ڪنداسين، في الحال ڪجهه نه ٿا چئي سگهون جاچ ڪرڻ بعد ڪارڻ معلوم ٿيندا. ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته نوشين سنڌ جي ناليواري شاعر استاد بخاري جي ڏوهٽي آهي، نوشين جو پيء هدايت علي شاھ لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو آهي، سندس چوڻ هو ته ڌيء کي ڪا به پريشاني نه هئي واقعو سمجھ کان ٻاهر آهي

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل جي ڪمري مان شاگردياڻي جو لاش ھٿ