ننڍپڻ ۾ سونم جي ڪري باڪسر کان مار کاڌي هئي:ارجن ڪپور

0
261

ممبئي: (شوبز نيوز) اداڪار ارجن ڪپور تازو ئي پنهنجي ننڍپڻ جو هڪ يادگار واقعو مداحن سان شيئر ڪيو. بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ان جو ذڪر ڪيو. جڏهن ان جي سئوٽ سونم ڪپور جي ڪري هن کي مار کائڻي پئي جنهن کان پوءِ کيس اسڪول مان ڪڍيو ويو.ارجن ٻڌايو ته مان ۽ سونم هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين. ان وقت مان صحتمند هئس، اسان ٻنهي کي باسڪيٽ بال کيڏڻ تمام گهڻو پسند هو ۽ هڪ ڀيرو سونم اسڪول ۾ باسڪيٽ بال کيڏي رهي هئي ته ڪجهه سينئرز آيا ۽ انهن سونم کان بال ڦريو جنهن کان پوءِ سونم مون وٽ روئيندي آئي ۽ ان جي باري ۾ مون کي ٻڌايو. ارجن ٻڌايو ته مون کي جهيڙو پسند نه هو پر ان وقت مون کان رهيو نه ٿيو ۽ مان ان ڇوڪري کي سڌيون ٻڌائڻ شروع ڪيون هو مون کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ان هڪ زوردار ٺونشو منهنجي منهن تي هنيو.اداڪار جو چوڻ هو ته هو هڪ باڪسر هو جنهن جي مون کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پئي. مون سوچيو ته سونم جي ڪري مون غلط ڇوڪري سان جهيڙو ڪيو. پر ان وقت مون کي اسڪول مان ڪڍيو ويو ۽ مان گهر پنهنجي سڄيل اک سان واپس آيس.