اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير بابت ڀارت پاران کنيل قدم واپس وٺڻ تائين حالتون بهتر نه ٿيون ٿي سگهن، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تاجڪستان جي صدر جي پاڪستان اچڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ رابطا مضبوط ٿيندا، پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار اهميت رکي ٿو، تاجڪستان سان تعليم، دفاع سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا معاهدا ڪيا آهن، تاجڪستان سان دفاعي تعلقات اهميت رکن ٿا، ان حوالي سان به معاهدي تي صحيح ڪئي وئي آهي، جنهن تحت پاڪستان تاجڪستان کي هٿيار فراهم ڪندو، ٻنهي ملڪن کي گڏيل چيلينج سامهون آهن، ٻنهي ملڪن ۾ واپار ۽ ڪنيڪٽوٽي کي وڌائڻ لاءِ افغانستان ۾ امن تمام ضروري آهي، ٻنهي ملڪن کي اهو خدشو آهي ته آمريڪي فوجين جي افغانستان مان واپسي تائين مسئلن جو سياسي حل نه ٿيو ته ڪٿي سوويت يونين جي ڇڏڻ بعد پيدا ٿيل صورتحال نه پيدا ٿي وڃي، جيڪا ٻنهي ملڪن لاءِ نقصانڪار هوندي، افغانستان ۾ ڏڦيڙ ڦهلجڻ سان اسان جي تجارت متاثر ٿيندي ۽ ان سان دهشتگردي ۾ به اضافي جو خدشو آهي، هاڻي به پاڪستان کي افغانستان مان دهشتگردي جا خطرا آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن اتفاق ڪيو آهي ته ٻين ملڪن سان گڏجي افغانستان جي مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پاڪستاني درياهن ۾ 80 سيڪڙو پاڻي گليشيئرن مان ايندو آهي، ان لاءِ اسان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڀارت پاران والاريل ڪشمير بابت کنيل قدم واپس وٺڻ تائين اسان لاءِ ڀارت سان تجارت معمول تي آڻڻ مشڪل آهي ڇو ته اهو عمل ڪشميرين جي قربانين سان غداري هوندو، ڀارت پاران قدم واپس وٺڻ تائين تعلقات بهتر نه ٿا ٿي سگهن، جنهن جو نقصان ٻنهي ملڪن کانسواءِ سڄي سينٽرل ايشيا کي ٿيندو، نيب جي تاجڪستان ڪرپشن خلاف اداري سان معاهدو ٿيو آهي، جيڪو اهم آهي، ترقي پذير ملڪن مان هر سال هڪ هزار ارب پرڏيهي ملڪن جي آفشور اڪائونٽن ۾ وڃن ٿا، ان حوالي سان به گڏيل تعاون ضروري آهي، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوستاڻي ماحول ۾ ٿي، جنهن دوران مختلف مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي وفدن ۾ ٿيل ملاقاتن مان مطمئن آهيون، وفدن جي سطح تي تعميري ڳالهه ٻولهه دوران گهڻ رخي تعلقاتن ڳالهه ٻولهه ٿي، تاجڪستان پاڪستان کي دوست ملڪ ۽ قابل اعتماد پارٽنر سمجهي ٿو، اسان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطح تي مسلسل رابطن مان به مطمئن آهيون، اڄ ٻه طرفا تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن، جنهن سان تعلقاتن کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد ملندي، عمران خان کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيان ٿو، تاجڪستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران مختلف تعاون جي معاهدن تي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل تقريب دوران صحيحون ٿيون، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان موجود هئا، ٻنهي ملڪن ۾ تعليم، واپار، ثقافت، احتساب سميت مختلف معاهدن تي صحيحون ٿيون، ان کان اڳ تاجڪستان جو صدر اعليٰ سطحي وفد سان پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي نور خان ايئربيس تي پهتو ته وفاقي وزير خسرو بختيار سندس آجيان ڪئي، وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ تاجڪستان جي صدر جي آمد تي سندس استقبال ڪيو، کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ توبن جي سلامتي ڏني وئي، جڏهن ته تاجڪستان جي صدر ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وچ ۾ به ملاقات ٿي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اي سي او ملڪن جي پارلياماني اسيمبلين گڏيل طور تي والاريل ڪشمير ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن جي خلاف ورزين جي سخت مذمت ڪندي يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان جي مسئلي جو سياسي حل ٿيڻ گهرجي، افغانستان ۾ ڏڦيڙ سان خطو متاثر ٿيندو، افغانستان مان آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي واپسي توڙي اقتدار جي منتقلي پرامن نموني سان ٿيڻ گهرجي، ائين نه ٿئي جيئن سوويت يونين جي افغانستان مان واپسي بعد ٿيو هو، تفصيل موجب اي سي او ملڪن جي پارلياماني اسيمبلي جي ٻي ڪانفرنس جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪشميرين ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي وئي آهي، گڏيل پڌرنامي ۾ هڪ طرفي اقتصادي پابندين ۽ علائقائي حدن کان مٿانهان ۽ سياسي دٻاءُ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ واري عمل کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو آهي، پڌرنامي ۾ فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي انساني حقن جي کلي عام خلاف ورزين تي ڌيان ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته تجارت، علائقائي رابطن توڙي ميمبر ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو آهي، گڏيل پڌرنامي ۾ اي سي او ٽريڊ ڊولپمينٽ بينڪ، اي سي او ري انشورنس ڪمپني، معيارن بابت اداري جو جائزو، سرمائيڪارن جي تحفظ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ جي معاهدي کي فريم ورڪ جا بنيادي نقطا قرار ڏنا ويا، ميمبرن ملڪن جي پارليامينٽ جا اي سي او پارلياماني گروپ قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، اي سي او انشورنس ڪمپني جي بنا دير جي قيام تي به اتفاق ڪيو ويو، مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، افغانستان پاران 2022 ۾ ڪابل ۾ اي سي او جي ٽئين جنرل ڪانفرنس جي ميزباني جي آڇ جي آجيان ڪئي وئي، اي سي او ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان اي سي او ڪانفرنس ۾ گڏيل پڌرنامي جي منظوري تي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم چيو ته اي سي او فورم ۾ شامل ملڪن جي پارليامينٽ جون ڪميٽيون به ٺهنديون، هن چيو ته دنيا ۾ ملڪ نه پر خطا ترقي ڪندا آهن، اي سي او ملڪن جي مجموعي آبادي 45 ڪروڙ آهي، اها هڪ وڏي آبادي ۽ صلاحيت آهي، جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ واپار وڌايون، مسئلا حل ڪيون ته خطو پاور هائوس (طاقتور) بڻجي سگهي ٿو، هن چيو ته خطي ۾ شامل مختلف ملڪن جا مختلف وسيلا آهن، جيڪڏهن اسان گڏجي ڪوششون ڪيون ته سڀني کي فائدو ٿيندو، يورپي يونين اسان سامهون ٺهي، يورپي يونين جي قيام بعد ان ۾ شامل ملڪن جي زندگي جو معيار بهتر ۽ وڌندو ويو، جڏهن ڪسٽم ۽ ٻين ڊيوٽيز ۾ گهٽتائي ٿئي، رڪاوٽون ختم ٿين ته ان سان سمورن ملڪن جي واپار کي فائدو ٿيندو آهي، اسان جي خطي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن، هن چيو ته پارلياماني ڪميٽيون اي سي او ۾ شامل سمورن ملڪن کي ويجهو آڻينديون ۽ مسئلن جو حل ڪڍنديون، پارليامينٽ ۾ مختلف مسئلن تي بحث ٿيندو ته مسئلن جو حل نڪرندو، هن چيو ته هن ڪانفرنس ۾ واپار ۽ رابطا وڌائڻ سان گڏ سياسي مسئلن بابت به واضح موقف اختيار ڪيو ويو آهي، ڪانفرنس جي گڏيل پڌرنامي ۾ فلسطين ۽ والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي واضح موقف اختيار ڪيو ويو آهي، اتي ماڻهن سان ظلم ٿي رهيو آهي، گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل نه ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ماڻهو شديد تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان حوالي سان ڪانفرنس ۾ قرارداد منظور ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي، ڪنهن به مسئلي تي جڏهن آواز اٿندو آهي ته اهو سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويندو آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي خطي کي موسمي تبديلين جو به وڏو مسئلو سامهون آهي، هن چيو ته موجوده گرمي پد رهيو ته مختلف ملڪن سان پاڻي جا مسئلا وڌندا، پاڪستان، تاجڪستان، ڪرغزستان، ازبڪستان، ڪازڪستان موسمي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم نه کنيا ته اتي مسئلا ٿيندا، موسمي تبديلي سان منهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن تحريڪ ۾ شامل نه ٿياسين ته خطي ۽ پوري دنيا کي خطرا لاحق ٿيندا، اسان کي ان تحريڪ جو حصو بڻجڻ گهرجي، پاڪستان 2013 کان 2018ع تائين خيبر پختونخوا ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا، ايندڙ 5 سالن ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو حدف آهي، هن چيو ته تاجڪستان جي صدر سان ملاقات ۾ اسان طئي ڪيو آهي ته افغانستان مان آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي واپسي بعد پرامن اقتدار جي منتقلي ۽ مسئلي جي سياسي حل لاءِ پوري ڪوشش ڪئي وڃي، ڇو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام ۽ انتشار سان پورو خطو متاثر ٿيندو، جيڪڏهن افغانستان ۾ امن نه هجي ته خطي جي سمورن ملڪن ۾ مسئلا پيدا ٿيندا، اي سي او ملڪن کي افغانستان ۾ پرامن اقتدار جي منتقلي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجي، جيئن 1988ع جهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي، جڏهن سوويت يونين افغانستان کان واپس وئي ته ان بعد جيڪا صورتحال پيدا ٿي اهڙي صورتحال پيدا نه ٿيڻ گهرجي.