ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، ڄام عبدالڪريم جي حفاظتي ضمانت منظور

0
259
شهيد ناظم جوکيو قتل

 ڪراچي: ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، عدالت پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم جي حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست تي سندس 10 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.پوليس چالان ۾ ڄام عبدالڪريم کي مفرور قرار ڏنو هو

ڄام عبدالڪريم ڪيس ۾ مفرور هئڻ سبب اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو. ناظم جوکيو کي نومبر 2021 ۾ تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو

جوابدارن خلاف ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي. عدالت ھڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ڄام عبدالڪريم جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي، عدالت ڄام عبدالڪريم کي 10 ڏينھن ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي

ھي به پڙھندا

ناظم جوکيو ڪيس: شيرين جوکيو پاران جاچ آفيسر سراج لاشاري خلاف ڪارروائي جي درخواست