ناظم جوکيو ڪيس: شيرين جوکيو پاران جاچ آفيسر سراج لاشاري خلاف ڪارروائي جي درخواست

0
523
ناظم جوکيو ڪيس
ناظم جوکيو ڪيس: شيرين جوکيو پاران جاچ آفيسر سراج لاشاري خلاف ڪارروائي جي درخواست

ڪراچي: ناظم جوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو  ڪيس جي جاچ آفيسر سراج لاشاري تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو

شيرين جوکيو جاچ آفيسر خلاف جوڊيشل ميجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت شيرين جوکيو جي درخواست تي جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪري 8 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 8 فيبروري تي عدالت سڳوري ڪيس جي چالان ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪري اي ٽي سي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

عدالتي حڪم تي هن وقت تائين جاچ آفيسر سراج لاشاري عمل ناهي ڪيو، جاچ آفيسر خبر ناهي فائل ڪيڏانهن گم ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري جاچ آفيسر کان پڇيو وڃي ته اي ٽي سي ۾ فائل جمع ڪرائڻ ۾ ڇو دير ڪئي پئي وڃي، جاچ آفيسر پهرين ڏينهن کان جوابدار ايم اين اي ۽ سندس ڀاءُ ايم پي اي سان مليل آهي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جاچ آفيسر جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آڊيو ڪال ۾ پڻ هو جوابدارن سان مليل نظر آيو، جاچ آفيسر مڪمل پوليس پيپرز جوابدار ڌر کي مهيا ڪيا ۽ چالان جمع ڪرائڻ ۾ غير ضروري دير ڪري شڪ شبها پيدا ڪري رهيو آهي

درخواست ۾ عدالت کي استدعاڪئي وئي آهي ته جاچ آفيسر جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. شيرين جوکيو درخواست پنهنجي وڪيل سيد خليل شاهه معرفت  عدالت ۾ داخل ڪرائي آهي

ھي بھ پڙھندا

شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جو جاچ آفيسر هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل

ڪيسن جي جاچ جي حوالي سان مڃتا ماڻيندڙ انسپيڪٽر سراج لاشاري حيدرآباد مان ڪراچي بدلي