لاهور ٽيسٽ ۾ آسٽريليا، پاڪستان کي هارائي سيريز کٽي ورتي

0
435

لاهور: لاهور ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگز 3 وڪيٽن جي نقصان تي 227 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 351 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو پر قومي ٽيم 235 رنسن تي ڍير ٿي وئي

راند جي آخري ڏينهن پاڪستان 73 رنسون بغير ڪنهن نقصان جي پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي پر پهرين سيشن ۾ عبدالله شفيق 27 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو جنهن کانپوءِ اظهر علي گهڻو وقت پچ تي نه رهي سگهيو. 105 جي مجموعي اسڪور تي صرف 17 رنسون ٺاهي اظهر علي کي ليون طرفان پويلين موڪليو ويو، بعد ۾ امام الحق 70 ۽ فواد عالم 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، محمد رضوان ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو

بعد ۾ ساجد خان ۽ بابر اعظم رنسن کي اڳتي وڌايو پر اها پارٽنرشپ ڪجهه دير قائم رهي ۽ بابر اعظم 55 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ساجد 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز نسيم شاهه جي وڪيٽ ڪيرائي ٽيم کي فتح ڏياري ۽ آسٽريليا 115 رنسن تان ميچ کٽي ورتي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڪراچي ۽ راولپنڊي ٽيسٽ ڊرا ٿي وئي هئي