ادارن پاڻ کي نيوٽرل رکيو آهي، اسان کي سندن حمايت جي ضرورت ناهي: عمران خان

0
175
ادارن پاڻ کي نيوٽرل رکيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اينڪر پرسنز سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته هو عدم اعتماد واري رٿ کي شڪست ڏيندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته هو اتحادين ۽ اختلاف رکندڙ ميمبرن سان رابطي ۾ آهن، هو عوامي مقبوليت کي ڏسي رهيا آهن ۽ سمجهي ٿو ته جڏهن کان اپوزيشن بي اعتمادي آندي آهي، اسان جي مقبوليت وڌي آهي

ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته توهان ڏسندا ته جلسي ۾ ڪيترا ماڻهو ايندا، چاهي اهي اتحادي هجن، منحرف ميمبر هجن يا ادارا، سڀ حڪومت سان گڏ هوندا، ڪجهه ماڻهن کي خدشو هو ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت گهٽجي وئي آهي پر گذريل ٻن هفتن کان ان ۾ اضافو ٿيو آهي، 27 مارچ تي وڏو جلسو ٿيندو، جنهن مان معلوم ٿيندو ته پي ٽي آءِ ڪيتري مقبول آهي

ذريعن موجب وزير اعظم چيو ته ادارا غير جانبدار آهن، ماضي ۾ جيڪا به تنقيد ٿيندي هئي، هاڻي ادارن پاڻ کي غير جانبدار رکيو آهي، آئيني ۽ قانوني طور فوج اسان سان گڏ آهي ۽ اسان کي ڪنهن جي حمايت جي ضرورت ناهي

وزيراعظم چيو ته سندس خيال آهي ته امپائر غير جانبدار آهي، سندس خيال آهي ته مخالف ڌر ڪرپشن ۽ خاص طور تي شهباز شريف جي ڪيسن جي حوالي سان اها تحريڪ هلائي آهي، وزيراعظم ان موقعي تي اهم شخصيت کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي خبرن جي به ترديد ڪئي

ھي به پڙھندا

ٻڌائڻو پوندو ته تاحيات نااهلي ڪهڙي ڳالهه تي ٿيڻ گھرجي؟ چيف جسٽس