مڪاني چونڊ دوران ڇڪتاڻ: عملو يرغمال

0
192
مڪاني چونڊ دوران

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ دوران جهيڙن جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، مختلف علائقن ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن

ڪنڌڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ جهيڙن دوران 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، اميدوارن جي حامين هڪٻئي تي ڏنڊن، لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو لائي ڏنو

نوابشاهه جي سوشل سيڪيورٽي پولنگ تي حملو ڪندڙ هٿياربند پولنگ جو سامان کڻي ويا، پوليس کي يرغمال بڻائي پولنگ عمل روڪرايو ويو

پنو عاقل جي فريد مهر پولنگ اسٽيشن تي به جهيڙو ٿيو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

خانڳڙهه جي يوسي علي مهر ۾ پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي دوران 4 ڄڻا زخمي، قبو سعيد خان جي يوسي هزار واهه ۾ جهيڙي دوران 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

ٺارو شاهه جي وارڊ نمبر 8 ۾ جهيڙي دوران ٻن اُميدوارن جو هڪ ٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو

داد لغاري لڳ ابل ڳڙهي پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي دوران هوائي فائرنگ ڪئي وئي، اُميدوار جي گاڏي جا شيشا ٽوڙيا ويا

ڀريا سٽي ۾ به جهيڙو، قمبر جي مختلف علائقن ۾ جهيڙن جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

تنگواڻي جي يوسي سهلياڻي جي پولنگ اسٽيشن تي ٻن پارٽيز جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي بعد پولنگ جو عمل روڪيو ويو

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو: 2 ڄڻا قتل، ڪيترائي زخمي: 25 ڄڻا اغوا