ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل پرزائيڊنگ آفيسر سميت 11 ڄڻا بازياب

0
257
ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل

ڪنڌڪوٽ پوليس ٽوڙي بنگلو مان مبينا طور اغوا ٿل پولنگ عملي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته پولنگ جو عمل به شروع ٿي ويو آهي

ايس ايس پي موجب ضلعي جي امن و امان کي خراب ٿيڻ نه ڏيندس، پولنگ جو عمل هٿيارن جي زور تي روڪيندڙ هٿياربندن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو

ايس ايس پي دعويٰ ڪئي آهي ته هٿياربندن خلاف آپريشن لاءِ ڪچي ۾ پوليس لٿي ته هٿياربندن اڳ ئي عملي کي آزاد ڪري ڇڏيو، عملو واپس ٿيڻ بعد پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو

هٿياربندن ٽوڙي بنگلو جي پولنگ اسٽيشن تي مبينا حملو  ڪري 11 ڄڻن کي اغوا ڪيو هو، جن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر مشتاق احمد ملڪ، عمران علي ملڪ، نعمت الله سومرو، اقبال علي لوهر، اياز علي، غلام علي، منصور سهرياڻي، خادم، ارشاد علي ۽ اشفاق شامل آهن

اغوا ٿيلن ۾ 8 پولنگ عملي جا ماڻهو هئا، جڏهن ته 3 پ پ جا ايجنٽ شامل هئا، هٿياربند بيلٽ پيپر، باڪس،اسٽيمپ پڻ کڻي ويا هئا

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊ دوران ڇڪتاڻ: عملو يرغمال