مڪاني چونڊون پاڻي ڏيو – ووٽ وٺو

0
171
مڪاني چونڊون پاڻي ڏيو – ووٽ وٺو

 پاڻي ڏيو – ووٽ وٺو، ڇاڇرو جي ڳوٺاڻن اهڙو بورڊ لڳائي ڇڏيو، ان بورڊ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، سوشل ميڊيا تي اهڙي عمل جي ساراهه سان گڏ مطالبو ڪيو ويو ته ڳوٺاڻن کي پاڻي ڏنو وڃي، سڄي سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو هلي رهيو آهي اهو حل ڪيو وڃي، ان حوالي سان ڀيم راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٿر جي ھن ڳوٺ مٺڙيو چارڻ جي باشعور ڳوٺاڻن  کي سرخ سلام، اقتدار ڌڻين لا منهن ٽوڙ جواب ۽ سوال ؟! حق گھرڻ جو انوکو ۽ وزنائتو احتجاجي رڪارڊ ڪرايو آهي، جنهن تي مڪيش ڪمار، سريندر سنگهه، ڪيلاش ڪمار، تاراچند راٺوڙ، وجي ساگر، رميش ڪمار هيراڻي، جمال الدين راهمون ۽ ٻين ڳوٺاڻن جي ان عمل جي ساراهه ڪندي چيو ته ٿر جي ماڻهن ۾ شعور اچي ويو آهي، جمال الدين راهمون به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، محمد علي لغاري آر او پلانٽ بابت سوال اٿاريندي چيو ته پ پ حڪومت بلين رپيا خرچ ڪري ٿرپارڪر ۾ آر او پلانٽ لڳايا هئا، عبدالعزيز ميمڻ لکيو ته انهن کي ته ڪاغذن ۾ 10 ڀيرا پاڻي ملي چڪو آهي، راشد کوکر لکيو ته پاڻي، بجلي، روڊ سميت سمورا مطالبا ڪريو، ارشاد علي ناريجو لکيو ته هڪ برياني ۽ نان ڏيو ووٽ وٺو، عبدالعزيز لکيو ته هڪ منرل واٽر جي بوتل کڻي ايندا ۽ پ پ وارا ووٽ وٺي ويندا،  اڪبر ڊکڻ لکيو ته پاڻي ڏينداسين ووٽ ڏيو، شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي ٿر مان اٿندڙ هن شعوري ۽ جرئت ڀري چڻنگ کي سلام..ھن دفعي اليڪشن ۾ اسان کي ھي مطالبو ڪرڻ گھرجي ته بنيادي حقن بدلي ووٽ ڏبو.