ڊائنا سار جو مجسمو ؟

0
128
ڊائنا سار جو مجسمو ؟

هيءُ خوبصورت فوٽو ڪراچي شهر جي علائقي ناظم آباد جي انڊر پاس مٿان موجود گرين ايريا جو آهي جتي سجاوٽ طور آمريڪا کنڊ ۾  لکين سال اڳ ملندڙ ڊائنا سار جو مجسمو رکيل آهي. جنهن جو هن خطي سان ڪو به تعلق نه آهي.  هتي رهندڙن کي سنڌو درياءَ جي انڌي ٻلهڻ (انڊس بلائنڊ ڊولفن) سامونڊي ڪناري تي رهندڙ سائي رنگ جو ڪڇون ۽ کارائي اُٺ يا ڀوري مينهن جي ڪا به ڄاڻ نه آهي نه ئي درسي ڪتابن ۾ اهڙي ڪا معلومات موجود آهي تنهن ڪري اهڙا مجسما سجاوٽ خاطر رکڻ پسند ناهن.سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪراچيءَ کي سنڌ جي  راڄڌاني ڪري پيش ڪيو وڃي جنھن لاءِ مختلف چونڪن ۽ چوراهن تي سنڌ جي جهنگلي جيوت جا مجسما رکيا وڃن ته جيئن ڪراچيءَ شهر ۾ رهندڙ ماڻهن کي سنڌ جي حيوانات متعلق ڄاڻ ملي بلڪ انهن کي پنهنجو سمجهن.. ۽ درسي ڪتابن ۾ به تيزيءَ سان ناياب ٿيندڙ جيوت متعلق تفصيل موجود هجڻ گهرجي. (ظهير مريد ڀٽو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)