سوال/سروي عمران خان کي ڪو خطرو ناهي، بليڪ ميل ڪري ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ ٿو چاهي: عوام

0
347
سوال/سروي عمران خان کي ڪو خطرو ناهي، بليڪ ميل ڪري ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ ٿو چاهي: عوام

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي قتل جي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ سازش ٿي آهي، وڊيو رڪارڊ ڪرائي رکي آهي، مون کي ڪجهه ٿيو ته ذميوارن جا نالا سامهون اچي ويندا، ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هي ٻين جي ڪلهي تي چڙهي ليڊر ٿيو آهي هن کي ڪير ماريندو، هن ملڪ ۾ سياسي ليڊر گهٽ سياسي ڪارڊ استعمال ڪندڙ لٽيرا گهڻا آهن، ڪوڙ مفت جو آھي دٻي رکو، اسان کي نه ٿو لڳي ته ڪو ان کي خطرو هوندو، عمران خان بليڪ ميل ڪري ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته عمران خان درست چئي رهيو آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رزاق بجير لکيو ته سازش اصل عوام سان ٿي رھي آھي. جيڪو ڪرسي ڇڏي ٿو وتي ٿو مخالف پارٽين ۽ حڪومت جي خلاف راڳ آلاپيندو. ھن ملڪ جي عوام جون تڪيلفون گھٽائڻ مھانگائي تي ڪنٽرول جي بجاءِ ھڪ ٻي جي مٿان الزام لڳايا وڃن ٿا.

گل حسن شر لکيو ته عمران خان ماڻھن کي اموشنل بيوقوف پيو بڻائي پھرين نئين پاڪستان ۽ تبديلي جو راڳ ھاڻي وري آزاد پاڪستان جو قصو ، عبدالغفور سروهي لکيو ته عمران خان جي مقبوليت ڏسي ملڪي توڙي غيرملڪي طاقتون بوکلائجي ويون، اڳوڻي وزيراعظم جا خدشا درست آهن، بابر چانگ لکيو ته هن ملڪ ۾ سياسي ليڊر گهٽ سياسي ڪارڊ استعمال ڪندڙ لٽيرا گهڻا آهن عالمي سطح تي به سازشون ٿي سگهن ٿيون ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي، شنڪر باغي لکيو ته انهن سمورن سياستدانن کي ڪلاسيڪل راڳ ڳائڻو آ ،خان کي وري شايد ڪلاسيڪل وڻي نٿو، شبير سهتو لکيو ته هي ٻين جي ڪلهي تي چڙهي ليڊر ٿيو آهي هن کي ڪير ماريندو، محمد حنيف لکيو ته عمران خان کي ڪجهه ٿيو ته ملڪ لاءِ سٺو نه هوندو، عباس ٻرڙو لکيو ته بيانيا بدلائي ماڻھن کي موبلائيز ڪرڻ سندس پراڻي روش رھي آھي ، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته عمران خان بلڪل سچ پيو چوي انهن جا نالا ظاهر ٿيڻ گهرجي، سترام ڀيل لکيو ته عمران اڌ دماغ وڃائي ويٺو آھي، فخرالدين مفتي لکيو ته هي ڪو ذوالفقار ڀٽو ناهي، هن خلاف ڪجهه ناهي ٿيو،

خان زرداري لکيو ته ڪوڙ مفت جو آھي دٻي رکو، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته عمران خان جي ڳالهه سچ به ٿي سگهي ٿي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته هميشه عمران خان ڳجهارتن ۾ ڳالهايو آهي اسان کي نه ٿو لڳي ته ڪو ان کي خطرو هوندو، فيض علي زرداري لکيو ته ڪجهه به ڪونه آهي عمران خان بليڪ ميل ڪري ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ ٿو چاهي، الياس سمون لکيو ته عمران خان سچو۽ ملڪ دوست آهي، ميان جاويد انڍڙ لکيو ته عمران نيازي ھميشه سياست ۾ ڪوڙ ڳالھايو آھي ان جو بيان عوام جي ھمدردي حاصل ڪرڻ چاھي ٿو، جنيد جمالي لکيو ته اھا ملڪ جي بدقسمتي آھي جو اڳوڻي وزيراعظم جا خدشا دور نٿا ڪيا وڃن، اعجاز سومرو لکيو ته عمران خان هڪ حقيقي عوامي ليڊر آھي اهاگالهه سياستدانن کي مڃڻي پوندي، الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته هي ملڪ سازشن جي يونيورسٽي آهي ڪجه به ٿي سگهي ٿو، نعمت الله راهمون لکيو ته بهادر آهي ته نالا ظاهر ڪري، عبداللطيف نهڙيو لکيو ته حالتن کي ڏسجي ٿو ته عمران خان جو بيان فراڊ ٺڳي يا ڪوڙ نٿو لڳي، ممتاز علي سميجو لکي ته عمران خان جو موقف عالمي ليول تي تمام گهڻو مضبوط رهيو، فيض احمد لکيو ته خان صاحب ويڊيو هاڻ ئي ڏيکاري، سڪندر علي لکيو ته هن ۾ ڪوئي شڪ نه آهي سازش ٿي سگهي ٿي،

عاشق ڀٽي لکيو ته خط واري ڳالهه ڪوڙي ثابت ٿيڻ بعد هڪ ٻيو ڪوڙ، اياز جهتيال جهتيال لکيو ته گو نيازي گو، رضا راڄپر لکيو ته عمران خان شھيد ذالفقار علي ڀٽو ٿيڻ ٿو چاهي، راسومل لکيو ته عمران خان جو هي سياسي بيان آھي، اسلم سمون لکيو ته عمران سياست پيو ڪري کيس ڪو به خطرو ناهي، حاجي اسماعيل لکيو ته ڪوڙو آهي، عبدالنبي شر لکيو ته ويچاري کي ڌمڪيون مليون هونديون، راشد الطاف لکيو ته پبلسٽي ڪرائڻ جا عجيب نمونا پيو ڳولهي، شبير جان سومرو لکيو ته عمران سچ پيو ڳالهائي، غلام مرتضيٰ لکيو ته ڪوڙو آهي، اعجاز احمد لکڻ، سميع تنيو، اظهر باجڪاڻي، محسن علي ابڙو، جميل احمد ترڪ، پرويز پلهه، طارق باجڪاڻي به سروي ۾ حصو ورتو، نادر ابڙو لکيو ته ملڪي معيشت ڏي ڪنهن به سياسي ڌر جو خيال نه آھي صرف هڪ ٻئي کان ڊڄندا ٿاوتن عوامي مسئلن ڏي ڌيان ڏنو وڃي، عثمان سنڌي لکيو ته هن ملڪ ۾ ڪنهن سان انصاف ٿيو آهي جو توسان ٿيندو، منهنجي اغوا ٿيل بابا کي 12 سال گذري ويا ڪا خبر نه پئي،

امتياز مڱريو لکيو ته مونکي نه ٿو لڳي ته عمران خلاف قتل جي ڪا سازش ٿي آھي، آصف علي سومرو لکيو ته صاف ظاهر آهي ته جيڪو به آمريڪا مخالف بيانيو ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي منظر تان ھٽايو ويندو، علي گوهر سومرو لکيو ته توکي ڪابه سازش نه ماري سگهندي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته خان صاحب روز نئين فلم جا ٽريلر ٻڌائيندو آھي، شر ڪامران ضمير، اصغر بلوچ، مير سڪندر بلوچ، اشفاق احمد، صدام سنڌي، قاضي مهتاب احمد، مير ڌڻي بخش نصيراڻي، ممتاز علي ڪلهوڙو، سمير احمد، مولائي اسد ماڇي به راءِ جو اظهار ڪيو، نجف بلوچ لکيو ته ان بيان م ڪا صداقت ناهي ھي ڪوڙو آهي، رياض سولنگي لکيو ته هن کي ڪير مارائيندو، سائين بخش لکيو ته روز بيان ٿو مٽائي، مير مرتضيٰ ڪلهوڙو لکيو ته بلڪل سچ چوي ٿو، امير علي، وفا اظهر علي، مير اظهار صاحب، مبين اڄڻ به سروي ۾ حصو ورتو، يوسف رئيساڻي لکيو ته خان صاحب جي ڳالهه ۾ وزن آهي، بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ جو اھو الميو آهي ته قوم ۽ ملڪ سان سچي انسان کي اھا ئي سزا ملندي آهي جيڪا عمران کي پئي ملي، ڪليم رانا ڀيو لکيو ته پاڪستان جي ھر ھڪ شھري کي تحفظ فراھم ڪرڻ حڪومت جي زميواري آھي، محمد قاسم، منظور احمد کوسو، محمد عمر دل، عزيزالله خاصخيلي، جمال قادري، دلبر بلوچ، راجا مهر، مشهد علي ميمڻ، خالد رضا بجير به سروي ۾ حصو ورتو.