مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي آڏو سڀ رڪاوٽون ختم

0
172
مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي آڏو سڀ رڪاوٽون ختم
مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي آڏو سڀ رڪاوٽون ختم

 مڪاني چونڊن لاءِ مهم جو وقت ختم ٿيڻ تائين به اها ڪنهن کي پڪ نه هئي ته مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ٿي به رهيو آهي يا نه. ڪيڏي مهل خبرون اچي رهيون هيون ته اهي چونڊون ملتوي ٿي ويون آهن ته ڪيڏي مهل اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ پئي آيون ته چونڊون 15 جنوري يعني اڄ هر حال ۾ ٿينديون. چونڊن جي غير يقيني پينڊولم جي صورت اختيار ڪري وئي هئي جيڪا ذري هيڏي ته ذري هوڏي لڏي رهي هئي.سنڌ سرڪار جي ته اها ڪوشش هئي ته چونڊون ٿي وڃن پر وفاق جي هڪ اهم اتحادي ۽ ڪراچي جي سياست تي اثر رکندڙ هڪ ڌر جي ڌمڪي کانپوءِ سنڌ سرڪار به پويان پير ڪيا ۽ اها ڪوشش ڪندي رهي ته جيڪڏهن چونڊون ملتوي ٿي وڃن ته سندن وفاقي سرڪار بچي وڃي، جنهن مان الڳ ٿيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ڌمڪي ڏئي چڪي هئي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم الڳ ٿئي ٿي ته اها وفاقي حڪومت برقرار نه رهي سگهندي جيڪا سادي اڪثريت ۾ قائم آهي ۽ ان کي ڪيرائڻ ۽ جلد عام چونڊون ڪرئڻ لاءِ پي ٽي آءِ اڳ ئي سرگرم آهي ۽ وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري گورنر وٽ پهتل آهي .اهڙي صورت ۾ ايم ڪيو ايم کي ناراض ڪرڻ وفاقي حڪومت ۽ خاص ڪري پ پ لاءِ ڏکي صورت پيدا ڪري سگهي ٿي جنهن ڪري دٻاءُ ۾ اچي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سرڪار اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ وري خط لکي ڇڏيو.

سنڌ سرڪار وري انهي صورت ۾ ڄڻ جنڊ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ هئي جيڪڏهن هو ايم ڪيو ايم کي راضي ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت کي بچائڻ لاءِ مڪاني چونڊون ملتوي ٿي ڪرائي ته وري پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي ان خلاف عدالت کان وٺي احتجاج جون ڌمڪيون ڏئي رهيون آهن،مطلب سنڌ سرڪار لاءِ اڳيان باهه پٺيان پاڻي واري صورتحال آهي پر وفاق ۾ اهم اتحادي هئڻ ڪري  پ پ جي سنڌ سرڪار ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم کي ناراض ڪرڻ جو رسڪ نه ٿي کڻڻ چاهيو جنهن سان سندن وفاقي حڪومت کي ڪو خطرو ٿئي تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن جي چونڊون وقت تي ڪرائڻ جي واضح هدايت باوجود سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ امن امان جو جواز ڄاڻائي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو جنهن ڪري اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني لاءِ ڪالهه وري اجلاس گهرائي ورتو هو .چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ جيڪو سنڌ سرڪار جواز ڄاڻايو اهو ڪو مضبوط جواز نه هو ڇاڪاڻ ته امن امان جي اها صورتحال  اوچتو يا تڪڙي پيدا  نه ٿي آهي جنهن کي منهن نه ڏئي سگهجي. 2018 ع جي عام اليڪشن دوران ان کان به صورتحال وڌيڪ خراب هئي ۽ سڄي ملڪ ۾ پوءِ به چونڊون ٿي ويون.هن وقت ته وفاق ۾ به اتحادي حڪومت آهي جيڪا به امن امان جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ يا حفاطتي انتظام سنڀالڻ لاءِ سنڌ سڪار سان هر وقت سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي،پر سنڌ سرڪار پنهنجي ساسي مجبورين کي امن امان جي آڙ ۾ لڪائڻ  گهريو ٿي  جيئن وفاقي حڪومت لاءِ اهم بڻيل سندن اتحادي جي فرمائش پوري ڪري سگهجي ۽ ان جو فيصلو وري اليڪشن ڪميشن ذريعي ئي ٿئي،جيڪو نيٺ اليڪشن ڪميشن ڪري ڇڏيو ۽ ٻيهر سنڌ سرڪار جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن ڪري  اڄ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو لڳاتار غيريقيني صورتحال مان جان ڇڏائيندي ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي. هاڻي چونڊون روڪرائڻ جون ڪوششون ڪندڙ ڌريون هاڻي ڇا ڪنديون اهو انهن جو سياسي ۽تنظيمي مسئلو آهي

اسان سمجهون ٿا ته عوام کي مڪاني چونڊن کان پري رکڻ خود صوبائي سرڪار لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي ها، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ۽ ٻين ضلعن ۾چونڊيل  مڪاني  نمائندا نه هئڻ ڪري ننڍن ننڍن مسئلن لاءِ به عوام صوبائي سرڪار کي ذميوار سمجهي ها. تنهن ڪري ضروري هو ته چونڊون ٿين ۽ سرڪار تان چونڊن مان ڀڄڻ وارو طعنو به لهي ۽ عوام کي مڪاني چونڊيل نظام به مهيا ٿئي ته جيئن اهي ننڍن ننڍن مسئلن لاءِ صوبائي سرڪار کي ذميوار نه سمجهن.