مڪاني چونڊون:پولنگ مڪمل ٿيڻ ۾ باقي اڌ ڪلاڪ

0
260

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۽ حيدرآباد جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ جاري پولنگ مڪمل ٿيڻ ۾ اڌ ڪلاڪ بچيو، اليڪشن ڪميشن پولنگ جو وقت وڌائڻ وارو پي ٽي آءِ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي

 پولنگ اسٽيشنز اندر موجود ووٽرز 5 وڳي کانپوءِ به ووٽ ڏئي سگهندا، ڪراچي جي 7 ئي ضلعن ڪياماڙي، سينٽرل، ڏکڻ، اوڀر اولهه، ملير ۽ ڪورنگي ۾ سخت سيڪيورٽي انتظامن هيٺ پولنگ جاري آهي

حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول، مٽياري، ڄامشورو ۽ دادو ضلعي ۾ به مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جاري، مختلف ضلعن جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي سامان ۽ عملو دير سان پهچڻ جون شڪايتون، صبح جي وقت ٿڌ سبب ويران نظر ايندڙ پولنگ اسٽيشنز تي 12 وڳي کانپوءِ ووٽرز جو انگ وڌي ويو

مڪاني چونڊن دوران پولنگ اسٽيشنز تي جهيڙن ۽ بدنظمي جا واقعا، ڀٽ شاهه ۾ مختلف پولنگ اسٽيشنز تي هٿياربندن جا حملا، زوري ٺپا هڻڻ جي ڪوشش، فائرنگ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 هٿياربند ڀٽ شاهه جي وارڊ نمبر هڪ جي پولنگ اسٽيشن تي بيلٽ پيپرز جا باڪس تبديل ڪري کڻي ويا، نيو سعيد آباد جي يو سي 7 جي پولنگ اسٽيشن ڀلي ڏنو ڪاڪا تي پ پ اميدوار ۽ آزاد اميدوار جي حامين ۾ جهيڙو، لٺين جو آزاداڻو استعمال، 2 عورتون زخمي، ڄامشورو جي وارڊ نمبر 5، 6 ۽ 8 جي پولنگ اسٽيشنز تي بدنظمي جا واقعا پيش آيا

پ پ اميدوار ۽ ڄامشورو اتحاد جي اميدوار جي حامين ۾ جهيڙو، هڪ ٻئي تي عورتن جي پولنگ اسٽيشنز ۾ داخل ٿيڻ جا الزام، بدين ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي تاج محمد ملاح جي پولنگ اسٽيشن اچڻ تي جي ڊي اي اميدوار عبدالرزاق سومرو پاران احتجاج ڪيو ويو

ايم پي اي سان ڏند چڪ، بدين جي يو سي 37 مير غلام علي ٽالپر جي پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي ۾ جي ڊي اي اميدوار جو پولنگ ايجنٽ زخمي، زخمي ٿيل پولنگ ايجنٽ غلام قادر انڙ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي پولنگ ايجنٽس مٿو ڦاڙي ڇڏيو ۽ پولنگ اسٽيشن مان ڪڍي ڇڏيو، حيدرآباد سٽي تعلقي جي يو سي 27 جي پولنگ اسٽيشن تي پ پ اميدوار گڊو مري ۽ پرزائيڊنگ آفيسر وچ ۾ ڏند چڪ ٿي

 پ پ اميدوار چيو ته اسان جي پولنگ ايجنٽ کي اندر نه پيو ڇڏيو وڃي، دادو جي وارڊ نمبر 13 تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڏند چڪ، پي ٽي آءِ اڳواڻ عاشق زنئور چيو ته پهرين پولنگ عملو تبديل ڪيو ويو، هاڻي سرعام ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي

 بڪيرا شريف ۾ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار ۽ آزاد اميدوار جي حامين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي، بڪيرا ۾ ليڊيز پولنگ اسٽيشن تي پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ تان جهيڙو، عورت بيهوش ٿي وئي

 پنگريو جي يو سي سمن شاهه جي ٻن پولنگس تي بيلٽ باڪس جون سيلون ٽٽل هئڻ جون دانهون، ڪراچي ۾ منگهو پير واري علائقي ۾ جماعت اسلامي ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ، جماعت اسلامي جي اڳواڻن پاران پ پ تي ڌانڌليون ڪرائڻ جا الزام هنيا ويا

هي به پڙهندا

قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به شرپسند کي مڪاني چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏين: وڏو وزير