قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به شرپسند کي مڪاني چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏين: وڏو وزير

0
260

ڪراچي:وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به شرپسند کي مڪاني چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏين، سموريون سياسي جماعتون ۽ سندن ڪارڪن چونڊ ضابطن جو احترام ڪن

وڏي وزير ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ سي پي او ۾ قائم ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو، وڏي وزير پولنگ واري عمل ۽ سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ به ورتي

وڏي وزير مراد علي شاهه سينٽرل پوليس آفيس جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته شرپسندن کي بخش نه ڪيو ويندو، سموريون جماعتون چونڊ ضابطن جو احترام ڪن

 وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته پولنگ دوران شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ کي يقيني بڻايو وڃي، چونڊ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي

 پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته ووٽر بنا خوف جي ٻاهر نڪري ووٽ جو حق استعمال ڪن

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم پاران بيلٽ باڪسز جون سيلون ٽوڙڻ جو نوٽيس ورتو، فردوس شميم سميت اڻ واڳيل سمورن ماڻهن کي پولنگ اسٽيشنز مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو

ترجمان اليڪشن ڪميشن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وفاقي گهر وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين اڳواڻن جي تڪراري بيانن جو نوٽيس به ورتو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته تڪبندين جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، اسان قانون موجب تڪبندين وارو معاملو حل ڪيو آهي

هي به پڙهندا

فردوس شميم نقوي ڪراچي ۾ پولنگ اسٽيشنز تي بيلٽ باڪس جون سيلون ٽوڙي ڇڏيون

مڪاني چونڊن دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ڏند چڪ ۽ جهيڙن جا واقعا