🔴live| مڪاني چونڊ: غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا

0
298

نوٽ: هن خبر جا تفصيل 🔴لائيو شامل ڪيا پيا وڃن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۽ حيدرآباد جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن پولنگ جو وقت وڌائڻ وارو پي ٽي آءِ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پولنگ اسٽيشنز اندر موجود ووٽرز ووٽ ڏئي سگهندا،

ڪراچي جي 7 ئي ضلعن ڪياماڙي، سينٽرل، ڏکڻ، اوڀر اولهه، ملير ۽ ڪورنگي ۾ سخت سيڪيورٽي انتظامن هيٺ پولنگ مڪمل ٿي ويو آهي

 

May be an image of 1 person and text ماتلي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 11 تي جنرل ڪائونسلر طور آزاد اميدوار عبدالرئوف نظاماڻي 320 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب تلهار ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 6 تي پيپلز پارٽي جي ڪائونسلر طور اميدوار عثمان دلواڻي518 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي

May be an image of 1 person and text

حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول، مٽياري، ڄامشورو ۽ دادو ضلعي ۾ به مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ مڪمل ٿي ويو آهي

ڀان سيد آباد ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 7 تي پاڪستان پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ سيد زوار شاهه جنرل ڪائونسلر طور 93 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو  آهي

May be an image of 1 person and text

مختلف ضلعن جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي سامان ۽ عملو دير سان پهچڻ جون شڪايتون سامهون آيون، صبح جي وقت ٿڌ سبب ويران پولنگ اسٽيشنز تي 12 وڳي کانپوءِ ووٽرز جو انگ وڌيل نظر آيو

مٽياري جي يوسي بائو ديرو جي وارڊ نمبر 4 تي جي يو آءِ سان واسطو رکندڙ جنرل ڪائونسلر لاءِ اميدوار دلشاد ڪلهوڙو264 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي

May be an image of 1 person and text

ڀان سيد آباد ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 6 تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي جنرل ڪائونسلر لاءِ اميدوار قربان علي ٻٻر 212 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي

May be a cartoon of 1 person and text