سرد هوائون، گرم خبرون ۽ لڏندڙ صورتحال

0
317
ملڪي معاشي صورتحال- ڏيوالي جو خطرو!؟

 اڄ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمدخان، ڄامشورو ۽ دادو سميت سنڌ جي باقي رهيل 16 ضلعن ۾ ٻئي مرحلي تحت مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن. اهي چونڊون اصل ۾ ڇھه مهينا پهريائين 24 جولائي تي ٿيڻون هيون ۽ چار دفعا ملتوي ڪيون ويون هيون. رات تائين خبر پئجي ويندي ته نتيجا ڪهڙا ٿا اچن. اهي چونڊون ان خيال کان تمام اهم آهن ته اهي موجوده صورتحال ۾ سنڌ بابت سياسي بئروميٽر ثابت ٿينديون جنهن مان ماڻهن جي اليڪشني نبض جي خبر پئجي ويندي. ان سان اڻ سڌي طرح پنجاب توڙي خيبر پختونخوا ۾ وچ مدي وارين چونڊن ۽ هن سال ڪنهن به وقت ٿيندڙ عام چونڊن بابت پڻ ابتدائي ڪٿ ڪري سگهبي.

  گذريل ٻن ڏينهن کان ملڪ برفباري ۽ سائبيريا جي سرد هوائن جي گهيري ۾ آهي پر هر ڪلاڪ بعد نيون گرما گرم خبرون سامهون اچي رهيون آهن. جنهن مان اقتدارن جي ايوانن ۾ تبديل ٿيندڙ سوچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. انهن خبرن جي ڦرڻ گهرڻ مان لڳي ٿو ته سوچ اڃان تائين ورهايل آهي. اربع ڏينهن شام جو عمران خان لاهور مان خطاب ڪندي هشاش بشاش ۽ پر اعتماد نظر اچي رهيو هو. پر ان جي ابتڙ هن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڄڻ وٽن پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ وٺڻ لاءِ گهربل ووٽ ناهن جن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو ڪوششون ڪري رهيا آهن. نون ليگ فتح جا بيان ڏنا ۽ نيوز اينڪرن چمڪي تي بندوق جيان نوان نوان تبصرا شروع ڪيا پر ڪلاڪ ٻن بعد خبر آئي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويو آهي ۽ سڀ ميمبر ايوان ۾ پهچي ويا آهن. رڳو وزيراعليٰ ۽ باقي گهربل ٻن ميمبرن جو انتظار آهي جيڪي گجرات، بهاولپور ۽ چڪوال مان روانا ٿي چڪا آهن. رات جو دير سان تاريخ مٽجڻ بعد يعني خميس تي صبح جو ڏيڍ وڳي پنجاب جي وزيراعليٰ چوڌري پرويزالاهي گهربل پورا 186 ووٽ کڻي اعتماد جوووٽ حاصل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. مخالفن بائڪاٽ ڪيو. پهريائين نون ليگ وارن اعتراض واريو ته ڳڻپ درست ناهي ٿي ۽ اپوزيشن جي ايجنٽ کي ڳڻپ جو موقعو نه ڏنو ويو هو پر صبح جو نون ليگ جي گورنر جي وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ان کي قبولي نوٽيفڪيشن جي واپسي جواعلان ڪري سڀني کي هڪ دفعو ٻيهر حيران ڪري ڇڏيو. ساڳي شام پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي صلاح تي پڻ چوڌري صحي ڪري ڇڏي. ايئن پنجاب اسيملبي ٽوڙي وئي ۽ خيبر پختونخوا جي اسيمبلي ڪنهن وقت به ٽٽڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. ايئن ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن اندر صوبائي اسيمبلين جو چونڊون ڪرائڻ ضروري ٿي وينديون. اها ڳالھه واضح ناهي ته اهي چونڊون ڇهن مهينن لاءِ ٿينديون يا پنجن سالن لاءِ!
ٻئي طرف سنڌ جي راڄڌڻي ڪراچي ۾ به 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سائبيريا جي سرد هوائن گهُلندي گرم خبرن جي نئن تيز رفتاري سان وهي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي ٽن ڌڙن کي حڪم مليو ته پاڻ ۾ ملي وڃو. جيئن تحريڪ انصاف جون سيٽون گهٽائي سگهجن. حڪم موجب خميس ڏينهن هڪٻئي کي غدار ۽ ملڪ دشمن چوندڙ ٽنهي ڌڙن هڪ ئي ٽيبل تي ويهي پريس ڪانفرنس ڪري متحد ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ڪجھه ضلعن ۾ آچر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آخري اپيل به رد ٿي وئي پر ايم ڪيو ايم چيو ته تڪن کي درست يعني سندن مرضي موجب نه ڪيو ويوته چونڊون نه ٿينديون. ساڳي رات تاريخ مٽجڻ بعد جمعي جي صبح جو ڏيڍ وڳي سنڌ ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ ڪراچي، حيدآباد ۽ دادو ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جواعلان ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جيڪا سدائين مڪاني چونڊن جي مطالبو ڪندي هئي تنهن اهي ملتوي ٿيڻ جي خبر جي آجيان ڪئي. جماعت اسلامي ان فيصلي جي خلاف اليڪشن ڪميشن اڳيان مظاهري جو اعلان ڪيو پر ان کان پهريائين ئي اليڪشن ڪميشن سنڌ سرڪار جي فيصلي کي رد ڪري پروگرام موجب چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. جماعت اسلامي ته مظاهرو ملتوي ڪيو پر تحريڪ انصاف صوبائي حڪومت جي فيصلي خلاف سنڌ اسيمبلي اڳيان مظاهرو ڪيو. اڃان اهي خبرون هضم ئي ٿي رهيون هيون ته سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي آفيس ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن دهشتگردي جو خطرو ظاهر ڪندي سنڌ سرڪار معرفت چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني جيڪا اليڪش ڪميشن تائين پهچائي وئي. سنڌ سرڪار جو چوڻ هو ته پوليس جو گهربل تعداد موجود ناهي ڇو ته گهڻا سپاهي پروٽوڪول ڊيوٽين ۾ سوگها آهن ۽ فوج به انڪار ڪيو آهي. ان بعد رات جو اهي خبرون نشر ڪرايون ويون ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت کان الڳ ٿي ويندي. زرداري، شهباز، مولانا جي فونن جو ٽڙڪو شروع ٿي ويو ته “ٻيلي ڏاها ٿيو توهان جا سڀ مطالبا مڃيا ويندا.” ساڳي رات پشاور ڀرسان پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جي حملي ۾ ٽي سپاهي به شهيد ٿي ويا.

ڪالهھ ڇنڇر ڏينهن منجهند جو ٻين وڳي نيٺ اليڪشن ڪميشن سنڌ سرڪار جي درخواست کي رد ڪندي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو ساڳيو فيصلو ورجائيندي پروگرام موجب چونڊن جو اعلان ڪيو ۽ رينجرس، پولس ۽ ايف سي کي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ چيو. پولنگ اسٽينشنن لاءِ سامان ورهائجي چڪو آهي. اڃان ان خبر جا تفصيل نشر ٿي ئي رهيا هئا ته خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ محمود خان اعلان ڪيو ته شام جو اسيمبلي کي ٽوڙيوويندو. سنڌسرڪار اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل ڪرڻ ۽ آرڊينينس جاري نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو ايم ڪيو ايم کي پسند نه ايندو. ان صورتحال تي غور لاءِ ٽين وڳي ايم ڪيو ايم اجلاس سڏايل هو پر هي سٽون لکڻ تائين سندن فيصلو ظاهر نه ٿيو هو. لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي اصل ۾ چونڊن جي حق ۾ هئي ۽ فقط ايم ڪيو ايم جي دٻاءُ تي وفاقي اتحادي حڪومت کي بچائڻ لاءِ اهو ڊرامو رچايو ويو هو. بلاول ته اها دعويٰ به ڪري چڪو آهي ته هن دفعي سنڌ جي ٻن وڏن شهرن ۾ميئر سندن ئي پارٽي جا هوندا. هن عوام کي ووٽ وجهڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي بائڪاٽ نه ڪرڻ جي اپيل به ڪئي.

ايئن هن وقت سنڌ ۽ ملڪ ٻن سياسي ڪئمپن ۾ ورهايل آهي. هڪ ڪيمپ جنهن۾ تحريڪ انصاف، پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ ٻيون ڪجھه پارٽيون شامل آهن جلد چونڊن جي حق ۾ آهن.

جڏهن ته ٻي ڪئمپ جنهن۾ نون ليگ، ايم ڪيو ايم، مولانا شامل آهن اهي وقت تي چونڊن يعني هن سال جي آخر يا ان بعد چونڊن جي حق ۾ آهن. باخبر ذريعن موجب واشنگٽن، بيجنگ، لنڊن، برسلز ۽ انقره پاران ڪرايل الڳ الڳ ڪٿ يا سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته عمران خان جو ووٽ بينڪ خاص طور پنجاب ۽ ڪي پي ۾ قائم آهي. تنهن ڪري عالمي ۽ نئين ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي مک ڌارا ساڳئي صفحي تي آهن. سابق صدر جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي به ڪنهن حد تائين ساڻن مليل آهي ڇوته کين يقين آهي ته خاص ڪري سنڌ ۾ سندن ووٽ بينڪ قائم آهي. ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان مان به ڪجھه سيٽن تي کين اميد آهي ته هو کٽي ويندا. باپ جي نالي سان سڃاڻجندڙ بلوچستان عوامي پارٽي جا ڪجھه ميمبر به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي چڪا آهن. ان ڪري اهي جلد چونڊون چاهين ٿا ڇو ته عمران خان جي سياست ڪري غير يقيني جي فضا پيدا ٿي رهي آهي جنهن سان ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي.موجوده سياسي غيريقيني کي وڌائڻ لاءِ صدر علوي وزيراعظم شهباز شريف کي اعتماد جي ووٽ وٺڻ لاءِ چئي سگهي ٿو جيئن پنجاب جي گورنر وزيراعليٰ چوڌري پرويز الاهي کي ووٽ وٺڻ لاءِ چيو هو.اهو اعلان عمران خان پنهنجي تازي خطاب ۾پڻ ڪيو آهي. ان صورت ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجو اگھه وڌائڻ لاءِ گھُه ڪري سگهي ٿي.ان پسمنظر ۾ اڄ شهباز شريف جي ڪراچي ۾ آصف علي زرداري سان ملاقات پڻ اهم آهي. عالمي ڌارا ان غيريقيني جي صورت ۾ ڪنهن وڏي مدد لاءِ تيار ناهي پر هو وڌندڙ دهشتگردي ۽ افغانستان جي صورتحال سبب پريشان به آهن. ٻوڏ ستايلن جي جنيوا ڪانفرنس ۾ ڏھه ارب ڊالرن جي امداد جو اعلان ٿيو آهي جنهن مان 90 سيڪڙو قرض آهي پر اهو نرم شرطن تي آهي جيڪو ٽن سالن اندر پاڪستان کي وصول ٿيندو پر اهو 40 سالن ۾ موٽائي ڏيڻو آهي جنهن تي وياج فقط هڪ سيڪڙو آهي. جنيوا ۾ غير سرڪاري تنظيمن پاران پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ گورننس ۽ حڪومتي سسٽم تي تنقيد سان پڻ شڪ شبها پيدا ڪيا ويا آهن جنهن سان پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لاءِ مجبور ٿيندي.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي ان ڳالھه جو چڱي طرح احساس آهي ته اردو ڳالهائيندڙ وچين طبقي ۾ سندن اثر گهٽجي چڪو آهي پر ان سان فائدو جماعت اسلامي۽ پيپلز پارٽي کي ملندو يا بدستور پي ٽي آءِ کي؟ تنهنجي خبر اڄوڪن نتيجن ۾پئجي ويندي. جيتوڻيڪ نون ليگ اعلان ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي پنهنجو مدو پوري ڪندي ڇو ته هو سمجهن ٿا ته موجوده صورتحال ۾ چونڊون خودڪشي ٿيندي. پر ايندڙ مهينن ۾ معاشي صورتحال ۾ بهتري ۽ مهانگائي گهٽجڻ جي اميد ڪرڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي ڇو ته آءِ ايم ايف به چئي چڪي آهي ته هي سال عالمي معاشي مندي جو سال رهندو. پر سندن گهڻيون اميدون عالمي ۽ ملڪي ڪرتا ڌرتائن جي آسري آهن جيڪي آر ٽي ايس کي بيهاري عمران خان کي وڏي پئماني تي ٻيهر آڻڻ جي غلطي نه ڪندا. ان ڪري قومي چونڊون اپريل ۾ ٿين يا آڪٽوبر ۾، ايندڙ چونڊيل وفاقي حڪومت ڪنهن هڪ پارٽي بجاءِ مخلوط ئي هوندي.