مُلڪ ٽٽڻ جو سبب آمراڻي حڪومت هئي، جيستائين آئين رهندو ته مُلڪ به رهندو: قاضي فائز عيسيٰ

0
261
مُلڪ ٽٽڻ جو سبب آمراڻي حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو  آھي ته آئيني ڪردار۽ جمهوريت ئي ملڪ جو بنياد آهي، مُلڪ ٽٽڻ جو سبب آمراڻي حڪومت هئي، جيستائين آئين رهندو ته مُلڪ به رهندو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪوشش هوندي آهي ته هو ڪيئن به ڪري 5 سال پورا ڪن، اُن ڪري گورننس تان ڌيان هٽي ويندو آهي ۽ وڏن مسئلن تي ڪم ناهي ٿيندو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ ھو ته آئين  ۾ تبديلي پارليامينٽ جو ڪم آهي، جج ڪنهن به تبديليءَ جي تجويز نٿو ڏئي سگهي

ھي به پڙھندا

پيپلز پارٽي ڊڪٽيٽرز کي مات ڏني: بلاول ڀٽو زرداري