پيپلز پارٽي ڊڪٽيٽرز کي مات ڏني: بلاول ڀٽو زرداري

0
224
پيپلز پارٽي ڊڪٽيٽرز کي مات ڏني
پيپلز پارٽي ڊڪٽيٽرز کي مات ڏني: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ نشتر پارڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪري رهيو آهي

اُن کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه، نثار کهڙو ۽ ٻين پارٽين اڳواڻن به پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪيو
بلاول چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي قوت سان نوازيو، شهيد ڀٽو پوري ملڪ ۾ روزگار ڏياريو، ڀٽو نفرت جي سياست تي نه ڪندو هو
هن چيو ته پاڪستان کي خارجه پاليسي کي اڳتي وڌائڻو آهي، اسان پنهنجي ذات تي نه پر ملڪ لاءِ سياست ڪندا آهيون
بلاول چيو ته اسان ڊڪٽيٽر ضياءَ الحق ۽ مشرف سميت ٻين ڊڪٽيٽرز آڏو نه جهڪاسين ته پوءِ سليڪٽڊ آڏو ڪيئن جهڪون ها
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نفرت جي سياست نه ٿيڻ گهرجي، منهنجي امڙ کي شهيد ڪيو ويو، ڀٽي خاندان هميشه ملڪ لاءِ جانيون قربانيون ڏنيون آهن
پرڏيهي وزير چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ڪڏهن به نفرت جي سياست نه ڪئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام کي مفت زمينون ڏنيون

ھي به پڙھندا

پيپلزپارٽي جو يوم تاسيس: اڄ ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ جلسو ٿيندو