رڳو چونڊن جي دير آهي، بلاول به مريم جي پاڙي ۾ محل وٺي شفٽ ٿي ويندو: فواد چوڌري

0
215

رڳو چونڊن جي دير آهي، بلاول به

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري بلاول ڀٽو جي خطاب تي ردعمل ڏنو آھي، فواد چوڌري جو چوڻ آھي ته  ڪِريل ڳالهيون ڪرڻ کانسواءِ توهان وٽ ڪجهه ناهي، رڳو چونڊن جي دير آهي، بلاول به مريم جي پاڙي ۾ محل وٺي شفٽ ٿي ويندو،

فواد چوڌري چيو آهي ته نئين ڄاول قيادت کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پي ٽي آءِ جي طوفاني سياست اڳيان ڪيئن بيهڻو آهي، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جو بيانيو بحران جو شڪار آهي، هاڻي وٽن ڳالهين کانسواءِ ڪجهه ناهي

هڪ ٻئي ٽوئيٽ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف رمضان کان اڳ عام چونڊون ڪرائڻ گهري ٿي، وقت گهٽ آهي، اُن ڪري اسيمبليز ٽوڙڻ ۾ دير نٿا ڪري سگهون، چاهيون ٿا ته ايندڙ سال مارچ تائين مُلڪ ۾ عام چونڊون ٿي وڃن

ھي به پڙھندا

پيپلز پارٽي ڊڪٽيٽرز کي مات ڏني: بلاول ڀٽو زرداري