ميھڙ ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ، واپاري قتل

0
267
ميھڙ ڀرسان ھٿياربندن

ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيو، پوليس مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي

ڳوٺ گنجا جو رهواسي واپاري عباس ساکاڻي پنهنجي ڀاءُ خالد حسين سان گڏ زرعي زمين تي وڃي رهيو هو ته هٿيار بندن کين روڪي کائن 2 موٽر سائيڪلون، 2 موبائيل فونز ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي

واپاري پاران مزاحمت تي هٿيار بندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ عباس ساکاڻي چانڊيو  گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو جڏهن ته سندس ڀاءُ خالد حسين چانڊيو سخت  زخمي ٿي پيو، واقعي بعد هٿيار بند فرار ٿي ويا

اطلاع تي ڳوٺاڻا۽ ميهڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عباس ساکاڻي چانڊيو جو لاش ۽ زخمي خالد ساکاڻي چانڊيو کي تعلقه اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو، جتان زخمي خالد حسين کي ابتدائي طبي امداد ڏئي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقتول عباس ساکاڻي چانڊيو جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويوآهي

ھي به پڙھندا

گاجي کهاوڙ ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان همراهه قتل