نوابشاهه ۾ صوفياڻي محفل، ويٺلن تي وجد طاري، فقيرن پاران ڇيرون ٻڌي رقص

0
374

نوابشاهه(بيورو رپورٽ) روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران 5 ڊسمبر تي اعلانيل سنڌ جي قومي ثقافتي عيد جھڙي ايڪتا ڏھاڙي کي سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو جي سريِ ھيٺ ملھائڻ واري اعلان کي سڄي سنڌ سميت نوابشاھ واسين پاران زبردست موٽ ڏني پئي وڃي مختلف سماجي، ثقافتي ۽ علمي ادبي تنظيمن پاران انھي ڏينھن کي تاريخي بنائڻ لاءِ مچ ڪچھريون، مُشاعرا ۽ صوفياڻي راڳ رنگ جون محفلون ملھائڻ جو سلسلو جاري آھي

انھي ڏس ۾ صوفين جي تنظيم حق صوفي ازم ورلڊ جي سربراهه فقير جي ايم ڏاھري پاران ميخانه بيت التصوف ۾ ھڪ زبردست دل آويز ۽ روح گرمائيندڙ صوفياڻي محفل منعقد ڪئي وئي، انھي خوبصورت رنگن سان سرشار محفل ۾ سنڌ جي نامور صوفي ۽ لوڪ فنڪارن ڀاڳ ڀڳت چند ۽ ساجد علي ساجي شرڪت ڪئي

انھي موقعي تي محفل ۾ ضلعي جي ڪُنڊ ڪُڙڇ سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان سنڌ ڌرتي ۽ پنھنجي ثقافت سان محبت ڪندڙ ۽ فقير جي ايم ڏاھري مست پروازي جي عقيدتمندن ۽ چاھيندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. انھيءَ موقعي تي فنڪارن ڀڳت ڀاڳ چند ۽ ساجد علي ساجد سنڌ جي آفاقي صوفي شاعرن شاھ عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، پير اعجاز، فقير جي ايم ڏاھري المعروف مست پروازي سميت ٻين صوفي شاعرن جا صوفياڻا ۽ قومي جذبن سان سرشار گيت ڳائي پرهه جا اجرا رنگ ڦٽائي ڇڏيا ۽ انھي خوبصورت گيتن ڪافين ۽ ڪلامن محفل تي اھڙي وجداني ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي جو فقير آچر، فقير حسين، فقير امتياز ۽ ٻين پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي وجد جي ڪيفيت ۾ اچي زبردست رقص ڪيو.