گاجي کهاوڙ ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان همراهه قتل

0
532

گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ_ ميھڙ روڊ تي ميرجت برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن واره واسي ميھر ميرجت کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا،جڏھن ته گوليون لڳل لاش ڏسي علائقي واسين گاجي کهاوڙ پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس لاش کڻي پوسٽ مارٽم لاء واره اسپتال منتقل ڪيو. مقتول جي پٽ مشتاق احمد ميرجت چيو ته منهنجي پيءُ کي ميرجت ۽ چانڊيا برادري جي ماڻهن گڏجي قتل ڪيو آھي. جيڪو سراسر ظلم آھي ۽ اسان بيگناه آهيون. هوڏانهن ايس ايڇ او گاجي کهاوڙ ياسين ٽڳڙ جو چوڻ آھي ته 2 مهينا اڳ ۾ ميھڙ ۾ قتل ٿيو هو، اهو مقتول ڌر مٿان الزام هو جيڪو ميھڙ ٿاڻي تي مقتول جو ڀاء جيل ۾ آھي ان دشمني جي الزام تحت ميھر ميرجت کي قتل ڪيو ويو آھي.