نئون دمبالو ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

0
154
مورو ويجھو روڊ

نئون دمبالو(ن پ ا) نئون دمبالو ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻڍوقمبراڻي روڊ نانگ ڀونڊري اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ فرمان آرائين، عرفان آرائين، راجا مري ۽ پپو درس زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس کڻي اسپتال پهچايو جتي ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري کين حيدرآباد ريفر ڪيو، جتي 50 سالن جو فرمان آرائين زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.