ميرپورخاص ويجهو پراسرار نموني گم ٿيل نينگري نه ملي، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل

0
142

ميرپورخاص (ن پ ا) ميرپورخاص ويجهو محمد حسن مري ڳوٺ مان 8 ورھين جي فوزيا خاصخيلي پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگري 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد به ھٿ اچي نه سگهي گذريل ڏينهن ڇوڪري قرباني جو گوشت پاڙي مان وٺڻ وئي ھئي اڃا تائين ھٿ اچي ناھي سگهي وارث , سندس وارث سخت پريشان بڻيل آھن سندن گھر ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.