مبارڪپور ڀرسان ويڳي پٽ هٿان ماءُ مبينا قتل

0
201
مبارڪپور ڀرسان ويڳي

مبارڪپور(ن پ ا) مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ حرمت ڪيهر ۾ ويڳي  پٽ پنهنجي امڙ کي بندوق جا فائر ڪري مبينا قتل ڪري فرار ٿي ويو  آهي، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي

علائقي ۾ ڄئوٻول آهي ته 45  ورهين جي مسمات سڀائي ڪيهر کي ڪارنهن تڪرار تان قتل ڪيو ويو آھي

پوليس جو چوڻ آهي ته مائي سڀائي کي گذريل رات سندس ويڳو پٽ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو، لاش ضروري ڪاروائي لاءِ جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون