موٽيويشن نوٽ مقابلو ڪرڻ آيو آهيان

0
172

اوهان ڪنهن به ناڪام شخص وٽ هليا وڃو ان وٽ بهانن جي لسٽ هوندي، ته آئون هن سبب جي ڪري فيل ٿيس، هن سبب جي ڪري آئون پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيس، ڊگهي لسٽ هوندي، ٻئي طرف ڪامياب شخص وٽ هليا وڃو، ان وٽ هزارين سبب هوندا اهو نه ڪرڻ جا جيڪو هو ڪرڻ چاهي ٿو صرف هڪ سبب هوندو اهو ڪرڻ جو، جيڪو هو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو ڪري ڏيکاريندو آهي. اهڙو ئي هڪ مثال هنگري سان تعلق رکندڙ پسٽل شوٽر ڪيرولي ٽيڪس به آهي، هو پنهنجي ملڪ ۾ جيتريون به چيمپئين شپ ٿيون سڀ کٽيون، سڀني کي پڪ هئي ته 1940ع ۾ ٿيندڙ اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل ڪيرولي ئي کٽندو جنهن لاءِ هن سالن کان ٽريننگ ڪئي هئي، هن جو هڪ ئي خواب هو ته مون کي هن پنهنجي هٿ کي دنيا جو بهترين شوٽنگ هٿ بڻائڻو آهي، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويو، پر اولمپڪ کان ٻه سال اڳ 1938ع ۾ هڪ فوجي ٽريننگ ڪيمپ هلي رهي هئي، ڪيرولي به آرمي ۾ هو، هڪ حادثي ۾ هن جي ان ئي هٿ ۾ هينڊ گرنيڊ ڦاٽي پيو جنهن هٿ سان شوٽنگ ڪندو هو، سندس فوڪس، خواب سڀ ختم ٿي ويو، هن وٽ ٻه رستا هئا ته باقي جي زندگي روئندو رهي يا ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي لڪي ويهي رهي، يا پنهنجو جيڪو خواب حاصل ڪري، ته ڪيرولي وڃايل هٿ بدران بچيل هٿ تي فوڪس ڪيو، هڪ اهڙو هٿ جنهن سان هو لکي به نه سگهندو هو، مهينو اسپتال ۾ علاج لاءِ رهڻ بعد هن ٻيهر پنهنجي ٽريننگ شروع ڪري ڏني، هڪ سال بعد 1939ع ۾ هو واپس آيو، نيشنل چيمپئين شپ ٿي رهي هئي جتي ٻيا به پسٽل شوٽرز آيل هئا، جن ڪيرولي کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته اهو جذبو هوندو آهي ته تون اسان کي ڏسڻ لاءِ آيو آهين، اسان جو حوصلو وڌائڻ لاءِ آيو آهين، ڪيرولي انهن کي جواب ڏنو ته آئون هتي اوهان جو حوصلو وڌائڻ لاءِ نه پر اوهان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ آيو آهيان، تيار ٿي وڃو، اتي سڀني پنهنجي بهترين هٿ سان حصو ورتو پر ڪيرولي مقابلو ڪري رهيو هو بچيل فقط هڪ هٿ سان ۽ ڪيرولي مقابلو کٽي ويو، ڇو ته ان جو ذهن ڪليئر هو ته مون کي هن هٿ کي دنيا جو بهترين شوٽنگ هٿ بڻائڻو آهي، هن 1940ع جي اولمپڪ تي فوڪس جاري رکيو، پر اولمپڪ عالمي جنگ جي ڪري ملتوي ٿي وئي، هن وري ارادو ڪيو ته 1944ع ۾ حصو وٺبو، اها به ملتوي ٿي وئي، هن ارادو ڪيو ته وري 1948ع ۾ حصو وٺبو، 1938ع ۾ هن جي عمر 28 سال هئي ۽ 1948ع ۾ سندس عمر 38 سال ٿي چڪي هئي، ڪيرولي ويو دنيا جي بهترين شوٽرز سان مقابلي لاءِ ميدان تي لٿو ۽ هن اهو مقابلو کٽي ورتو، ڪيرولي اتي نه رڪيو، 1952 ۾ ٿيل اولمپڪ ۾ به حصو ورتو ۽ گولڊ ميڊل کٽيو، سالن بعد ٻيهر حصو ورتو ۽ مسلسل ٻه ڀيرا گولڊ ميڊل کٽي اولمپڪ جي تاريخ ئي تبديل ڪري ڇڏي، ان کان اڳ ڪنهن به ايٿليٽ لاڳيتو ٻه ڀيرا گولڊ ميڊل نه کٽيو هو.

(منصور نثار)