اشو آف دي ڊي ٻهراڙي جي عورتن جو عالمي ڏينهن: ڀيٽا پيش

0
189

                         ٻهراڙي جي عورتن جي عالمي ڏينهن تي سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي،ان سلسلي ۾ شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

اڄ ٻهراڙي جي عورتن جو عالمي ڏينهن آهي، جنهن کي خبر به ناهي ته اڄ منهنجو ڏينهن به آهي!!

اڄ هوءَ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي پٽ، ڀاءُ، مڙس کي منتون ڪندي هوندي ته موڪل ڏي ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچان هفتي کان بخار ۾ پئي آهيان!!

اڄ  به هن کي خبر ناهي ته بهتر تعليم، بهتر صحت منهنجو حق آهي!!

اڄ به هن  ڪٿي نه ڪٿي ماني دير پچائڻ تي مار کاڌي هوندي!!

اڄ جي ڏينهن به هن کي ڪارنهن جو ناون ڏئي قتل ڪيو ويو هوندو!!

اڄ به هوءَ ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ سڱ چٽي عيوض ڏني وئي هوندي!!

اڄ به دارالامان ۾ ڪنهن وارث جي وارثي ڪرڻ تي دارالامان جي وڏي لوھي گيٽ ڏانهن وانجهائيندي هوندي جيڪا ڪارنهن جي ناون تان قتل ٿيڻ کان پنهنجو سر بچائي نڪتي هئي!!

اڄ هن کي ڇا خبر ته هوٽلن ۾ منهنجو ذڪر ڪري مون کي منهنجون ساهيڙيون ياد ڪن پيون!!

هن کي ڇا خبر ته مون کي تحفظ ڏيڻ لاءِ مڙس، ڀاءُ، پٽ  جي مار کان بچائڻ لاءِ ڪي قانون به جڙيل آهن!!

هوءَ ته اڄ به اهو سمجهي ٿي ته مار ڏيڻ عورت کي سڌارڻ لاءِ بهتر آهي!!

هوءَ ته اڄ به اهو سمجهي ٿي ته مرد پڙهندو آهي ٻاهر ويندو آهي عورت ٿانو، ٻهاري، ٻني جو ڪم، مال چاريندي، ھوءَ اهي ڪم ۽ گاهه ڪندي سونهي ٿي نه ڪي قلم ڪتاب کڻي!! (هيپي رورل وومين ڊي) جنهن تي سيما چانڊيو لکيو ته مون کي به خبر نه هئي ته اڄ اسان ڳوٺاڻين جو عالمي ڏينهن آهي.

فياض ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته معاشري جون خالق، ٻهراڙي جون عورتون، ڌرتي جون ديويون، جنهن تي بابر جمالي لکيو ته اسان انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا، نزهت شيرين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻهراڙي جي عورتن کي انهن جي عالمي ڏينهن جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون، اڪرم خاصخيلي ٻهراڙي جي عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ٿيل پروگرام جون تصويرون شيئر ڪيون.مستجاب زهرا کوسو لکيو ته برٽش ڪائونسل جي هڪ ٽريننگ دوران ٽاسڪ مليو جنهن ۾ ٿري ٻھراڙي جي عورت بابت پنهنجا ويچار ونڊڻا هئا جنهن ۾ مون ٿري عورت کي “نج فيمنسٽ” ثابت ڪيو. جيڪا پورهيو ڪري پنهنجو پاڻ کائي ٿي ۽ مردن سان پير ملائي هلي ٿي.