موجودهه ملڪي بحران جو ذميوار ڪير!

                 موجوده حالت ۾ مان ڪنھن مسلي جي نالي کڻڻ جي ضرورت نٿو سمجھان ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ انيڪ مسلا موجود آھن، پر ڪا به حڪومت تيار نه آھي نه ڪا وفاقي حڪومت نه وري صوبائي حڪومتون ۽ ھر روز ڄڻ تي ھتي غريبن جا ڪن صرف مسلي ٻڌڻ لاءِ مليا آھن آخر ڇو؟ ھتي ھر ماءُ ھر ڀيڻ ھر يتيم پٽ ساري ساري رات صرف پنھنجي بي پتي پيٽ جي بک مارڻ لاءِ روڊن ۽ رستن تي نظر اچن ٿا آخر ڪنھن غريب جي پيٽ جي بک ڪئين مري جتي مزدور سارو ڏينھن صرف 300  سو رپين لاءِ ٿو ڪڙھي ۽ غريب مزدور انھن پيسن مان پيٽ گذر ڪري يا وري پنھنجي ٻچن جي مستقبل لاءِ سو چي جيئن پنھنجي سون جھڙي زيورن کي مستقبل جو مور بڻائي اھڙا کوڙ سارا مسئلا اسان جي ملڪ ۾ موجود آھن جتي موجوده صورتحال ٻڌائيندو ھلان ته اسان جي ملڪ ۾ غريب  پنھنجي بکئي پيٽ پاري نه سگھڻ جي ڪري ڪيئن آپگھات ڪري پنھنجي انمول زندگي جو انت آڻي ٿو ڇڏي پر اھڙن ھر روز ٿيندڙ واقعن جو ذميوار  ڪنھن کي قرار ڏيون جتي مان موجوده حڪومت جي گالھ ڪندو ھلان تي ڄڻ تي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي وچ ۾ جنگ لڳي پئي آھي پر اھي ڪنھن  غريبن جي مسلي جي ٻدڻ  لاءِ تيار نه آھن آخر ڇو؟ ڇا غريب فوٽپاٿ تي زندگي گذارڻ لاءِ پيدا ٿيو آھي؟ آخر ڪير انھن يتيم ٻارن جي واھر ڪندو جتي مهانگائي اسان کي روز ڏنگي رهي آهي، جتي روز مرھ جون اشيون کنڊ، اٽو وغيره ڄڻ تي ھتي سون جي اگھه ۾ پيون وڪامجن سو آخر ڇو؟ خدارا ھن سون جھڙي ڌرتي جي سون جھڙن مارواڙن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

سهيل احمد/ٽنڊوالهيار

يوسي ٻيلو جي ٽن ڳوٺن کي سم نالي جي سهولت ڏيو!

  يوسي ٻيلو تعلقي ۽ ضلعيي سجاول جي ڳوٺن، ڳوٺ محمد خان ٻجورو، ڳوٺ حاجي طالب ٻجورو ۽ ڳوٺ حاجي پير ڏنو ٻجورو ۾ سم نالي جو نظام نه هجڻ ڪري برسات وقت ٽئي ڳوٺ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. سوين گهرن تي مشتمل ٽئي ڳوٺ برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃن ٿا. هتي غريب هارين جا فصل پڻ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي سڙي تباهه ٿي وڃن ٿا. ڳوٺاڻن موجب هر سال ٽنهي ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي چار کان پنج فوٽ بيهي وڃي ٿو، جنھن سبب عام زندگي پڻ متاثر ٿئي ٿي. ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ سم نالو نه هجڻ ڪري ڪافي عرصو پاڻي بيهي وڃي ٿو، جنھن سبب مکين ۽ مڇرن جو آزار پڻ وڌي وڃي ٿو. مليريا ۽ ڪالرا سميت ٻيون بيمارين پڻ ڪر کڻن ٿيون پر ڳوٺن کي سم نالي جي سهولت ڏيڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. ڳوٺ محمد خان ٻجورو، ڳوٺ حاجي طالب ٻجورو ۽ ڳوٺ پير ڏنو ٻجورو جي رهواسين هتي جي چونڍيل نمائيندن ۽ بالا آفيسرن کي  روبرو به چيو آهي ۽ لکت ۾ پڻ ڏنو آهي پر سم نالي ڏيڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. هتي جا ڳوٺاڻا سنڌ حڪومت توڙي سجاول ضلعيي جي انتظاميا کان اهو مطالبو ڪن ٿا ته کين سم نالي ڏئي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

منشيات جي مرض ۾ وڪوڙيل ڍورو نارو !‎‎

  ٻين بيمارين جيان اسان جي شهر ڍورو نارو ۾ منشيات به هڪ بيماري جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، منشيات جي سرعام وڪري جي ڪري ڪيترائي نوجوان مختلف بيمارين ۾ وٺجي پنهنجون زندگيون تباھ ۽ برباد ڪري رهيا آهن، شراب، ڀنگ، ٺرو، مين پڙي، سفينا ۽ تازو متعارف ٿيندڙ  آئيس (شيشو) جي نشي سان گڏ ٻين نشي آور شين جو ڪاروبار سڄي ملڪ جيان ڍورو نارو ۾ به عروج تي پهتل آهي، گهٽ تعليم يافتا ماڻهن کي ته ڇڏيو پر پڙهيل لکيل ۽ مهذب گهراڻي جا نوجوان به هن خراب عادت ۾ مبتلا آهن، ايستائين جو ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد به نشو ڪندي ڏٺا وڃن ٿا. نشي جي هن لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪومت توڙي پوليس انتظاميا جو ڪو ڪردار نظر نٿو اچي، ڪيترين ئي جاين تي اهو گندو ڪاروبار پوليس جي سرپرستي ۾ هلي رهيو آهي ۽ پوليس باقاعدگي سان انهن کان ڀتو منٿلي جي صورت ۾ وٺي ان ڪڌي ڪاروبار جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي ٿي، جنهن ڪري نشي جي اها لعنت گهٽڻ بجاءِ ڏينهو ڏينهن وڌي رهي آهي. اسان جي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي معاشري مان هن لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي نه ته نشي جي هن لعنت ۾ اسان جو سڄو معاشرو اڃا به وڌيڪ تباھ ۽ برباد ٿي ويندو.

ساحل عالياڻي/ ڍورونارو

اسان جي ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور، عوام ۽ حڪمران!

  ڪورونا وبا جتي سڄي دنيا کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي اتي دنيا ۾ ڪورونا وگھي  فوتگين جو تعداد لکن ۾ آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪورونا سبب ٿيندڙ موت جو انگ 28 کان مٿي آهي، ممڪن آهي ته ڪيترائي موت ڪورونا ھجڻ باوجود ظاهر ئي نه ڪيا ويا، سڄي دنيا کي ٿرٿلي ۾ وجھندڙ ڪورونا جي ھلندڙ چوٿين لھر دوران روزانو ڪيس گھٽ اچڻ جون سٺيون خبرون ته اچي رھيون آهن پر اسان بي احيتاطي جي انتھا حد ڪري ڇڏي آهي، 99 سيڪڙو ڪاروبار ھلائيندڙ بنان ماسڪ جي ويٺا آهن، ماڻھو ته بغير ماسڪ جي ھڪ شھر کان ٻئي شھر تائين به وڃن ٿا ماڻھن ۾ نه سماجي فاصلو آهي نه ئي ھٿ ڏيڻ کان پرهيز ڪن ٿا ڏيڍ سال کان مٿي عرصو تعليمي ادارا بند ٿيڻ کان پوءِ سئو سيڪڙو اسڪول کلي چڪا آهن جيڪو سٺو قدم آهي اسان جي ذري به بي احتياطي ايندڙ امڪاني لھر ۾ خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي، باقي حڪمرانن جي ڪورونا بابت سنجيدگي اڳ کان پڌري پئي آهي، اسان کي پنھنجو بچاءُ پاڻ ڪرڻو پوندو، حڪمران ته انھي چڪر ۾ ھوندا ته ڀلي ڪنھن به وبا جيترا وڌيڪ موت ٿيندا اوتري ئي کين امداد ملندي پوءِ چاھي زلزلو ھجي مھا ٻوڏ ھجي يا ڏڪار هجي، حڪمرانن کي رليف ملندو، سڄي دنيا ويڪيسن ڪرائي پاڻ کي ڪورونا کان پاڪ سماجي فاصلي تي روان دوان آهي ۽ اسان پنھنجي اٿڻ ويھڻ جا آداب به تبديل نه ڪيا آهن، ڪورونا ڪو ھاٿي جيڏو جانور ڪونھي جو اسان ان سان مورچا بند ٿي وڙھنداسين، ھي وائيرس ڏسڻ کان ڏور آهي پر ان سان مقابلي ڪرڻ ۾ نه حڪمران سنجيده آهن نه عوام ڇا ھن اسان واري سموري قوم نشي ۾ آهي.

سرمدساگر لاشاري/ نئون ڪوٽ، ميرپورخاص

سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن هڪ خط!

  اميد ته سائين تمام گھڻو خوش ھوندا، پنهنجي وڏ وزارت واري گول ڪرسي تي وڏي آرام ۽ سڪون سان ٽيڪ ڏئي وڏي اطمنان ۽ ايمانداري سان ڪم ڪندا هوندا، اوھان جي وڏ وزارت تي پوري سنڌ جو عوام فخر رھيو آھي. سائين منهنجا اوھان کي ادب سان ھٿ ٻڌي عرض ڪيان ٿو ته سنڌ جي مسڪين ماروئڙن پاران هڪ سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اوهان کي ادب جا ھٿ ٻڌي عرض ڪري رھيو آھيان ته سائين سنڌ ڌرتي جنهن تي اوهان گذريل ڪافي سالن کان راڄ ڪري رهيا آهيو، ان ڌرتي سان ڪهڙي ويڌن ٿي رهي آهي ۽ ڪيئن اسان هر پل جيئون ۽ مرون ٿا، ڪيئن پنهنجن جون دانهون ڪوڪون ۽ لاش ڪلھن تي کڻندا آھيون ۽ اھي منظر اسان جا هانءَ ڏارين ٿا. اهي خط اسان ان لاءِ لکون ٿا ته اوهان سمجھون ٿا ته سڀ ٺيڪ ٺاڪ آھي، ته اھو ھرگز غلط آھي، اوهان کي سنڌ سان ٿيندڙ ڪلور نظر ئي نه پيا اچن. هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ جتي پوري دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي ۽ عام توڙي خاص ماڻهو به پل پل جي خبر رکي ٿو پر خبر نٿي پئي ته توهان جنهن سنڌ جا واڳ سڀالي سڪون سان  ويٺا آهيو ان پوري سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان توهان اڻ واقف ڇو آهيو؟ سائين منهنجا اسان اوھان جي خيريت جا دعاڳو آھيون ۽ اوھان جي خيريت ئي گُھرون ٿا. سائين منهنجا هتي مان ڪهڙا قصا کوليان هزارين سنڌي نوجوان ٽارچر سيلن ۾ عذاب صيحح رهيا آهن. ڪيئي سنڌ جا استاد، آبادگار، نوجوان، شاگرد، هاري، ناريون جن جي ظلمن جا اڻ کٽندڙ باب دفن ٿيل آهن جي لکندس ته هي منهنجي زندگي به پوري نه پوندي پر تنهن هوندي به اهو وچن ٿو ڪيان ته هاڻي توهان ڏي هنن خط لکڻ جو سلسلو ختم نه ٿيندو، ڀلي هي منھنجا خط توهان جي اکين تائين پھچن يا نه پر منهنجي روح جو بار ڪجھ هلڪو ضرور ٿئي ٿو، في الحال ايترو لکي هن قلم کي هتي بند ڪيان ٿو.

مجيد بلوچ/جوهي

صرف ماستري ڇو ٻيون نوڪريون ناهن ڇا؟‎‎

  ٽيھ ھزار واري نوڪري لاءِ ايترا مايوس ڇو آھيو؟ زندگي ۾ خواب وڏا ڏسو، ڇو ته زندگي انسان کي صرف ھڪ دفعو ملندي آھي، ڇا توھان 30 ھزار جي نوڪري ڪري پنھنجي زندگي جا سڀ خواب پورا ڪري سگھندا. مثال طور پلاٽ، گھر، بنگلو، گاڏي، زمين، نوڪري جي پگھار ۾ صرف گھر جو راشن خريد ڪري سگھجي ٿو، گھر جي ضرورت پوري ڪري سگھجي ٿي لکين رپيا پگھار کڻندڙ به صرف پنھنجي گھر جو خرچ پورو ڪرڻ ۾ ھوندا آھن، اسان جي سماج ۾ نوڪري کي ماڻھن مجبوري سمجھي ورتو آھي، يعني ڊگري وٺڻ کان پوءِ ڪھڙي به نوڪري ڪرڻي آھي. دنيا جا جيڪي امير ترين ماڻھو آھن انھن صرف ڪاروبار ڪيو آهي، اڄ انھن جي ڪاروبار جو پئسو انھن جا ست نسل کائيندا آهن، جيڪي شاگرد اھو سوچي تعليم جون ڊگريون وٺندا آھن ته اسان کي صرف نوڪري ڪرڻي آھي اھي، انھن وٽ چند پئسن جي پگھار تي غلام ھوندا آھن، پگھار ان پئسن کي چئبو آھي جنھن سان کنڊ، پتي، چانور، اٽو ۽ گھر جون ضرورتون پوريون ڪري سگھجن.

ارسلان جاويد شر/ٺري ميرواھ

دادو ۾ وڏيرن ۽ اختلافن جي ور چڙھيل پ پ!

  دادو ضلعي ۾ پ پ پ ضلعي دادو جي صدر رفيق جمالي ۽  پ پ پ سي اي سي جي ميمبر پير مظھرالحق ۽ سندس پٽ ايم پي اي پير مجيب الحق وچ ۾ پ پ پ تعلقي دادو ۽ ٻين پ پ پ جي تنظيم جي جمالي طرفان تازو ڪل نامزدگين سبب اختلاف تيز ٿي ويا آھن پر پ پ پ قيادت طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آھي، جنهن جو خراب اثر جلد ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن تي پئجي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير پير مظھرالحق، ايم عمر پنهور ۽ ٻين چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي دادو جي صدر پاران تعلقي دادو جي عهديدارن جي مقرري جو نوٽيفيڪشن جاري ڪرڻ ورڪرن کي پاڻ ۾ ورهائڻ جي سازش آهي، جڏهن تي پ پ پ تعلقي دادو جو نائب صدر غلام نبي سولنگي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عاشق حسين پنهور ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر رئيس عمران پنهور  پهرين ئي پ پ پ سنڌ جي صدر محترم نثار احمد کهڙو صاحب پاران مقرر ٿيل آهن ۽ پارٽي جي هر ڪم ۾ سرگرم ٿي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ جي صدر پاران مقرر ڪيل عهديدارن جي جڳهه تي ضلعي صدر کي عهديدار نامزد ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آھي، غريب ماروئڙن ۽ شھيدن جي پارٽي کي سرداري ۽ نوٽيفڪيشن  پارٽي ٿيڻ نه ڏبو ۽ پ پ غريب ماروئڙن جي پارٽي کي نوٽيفيڪيشن پارٽي بڻائڻ جي مذمت ڪجي ٿي، کين انھن غريب ورڪرن سان ڪو اختلاف ناھي پر ھڪ تڪراري صدر جيڪو پاڻ ورڪرن جو رد ٿيل ھجي، ان کي پارٽي قاعدن جي لتاڙ ۽ سينئر نظرياتي ۽ قربانيون ڏيندڙ ورڪرز کي نظرانداز ڪرڻ ۽ بند ڪمرن ۾ وڏيرن جي چرچ تي عهديدار نامزد ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناھي نه ئي هنن کي ڀٽو ازم جي نظرئي جي ڪا خبر آھي، اسان پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي صدر نثار کهڙي کان ان سلسلي ۾ نوٽيس وٺي مڪمل جاچ ڪري تاديبي ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ٿا ڪريون

عبدالستار ميراڻي/ راڌڻ

سنڌ جي نامياري ليکڪ جي نانءُ!

  هن وقت مان ايم اي جو شاگرڊ آهيان ۽ 2019ع کان پنهنجي اخبار ۾منهنجي “جيل جي ڊائريءَ جا ورق” ۽ شاعري به لاڳيتو ڇپجندي رهندي آهي، ان کان سواءِ آئون سينٽرل جيل جي لائبريري ۾ قيدين جو انچارج به آهيان، لائبريري سان پراڻو ناتو آهي، ان ۾ هر لکيڪ جا ڪتاب آهن، انعام سنڌي صاحب اسنا کي 500 ڊونيٽ ڪيا هئا، اسان جو انعام شيخ صاحب کي عرض آهي ته جيڪڏهن توهان حئي بلوچ صاحب جا 3 عدد ڪتابا سان ڏانهن موڪليو ته اسان تي توهان جي تمام گھڻي نوازش ٿيندي. مان وارا ميان منير صاحب صاحب آئون ۽ سينٽرل جيل جا تمام قيدي توهان جا دل سان ٿورائتا آهيون جو توهان اسان کي پنهنجي ڪالم ۾ ياد رکيو. رب سائين توهان جي عزت ۾ اڃا واڌ ڪري. منهنجي ساٿين رضوان ڀائي ۽ بشير ٻرڙي جا به سلام قبول ڪندا، منهنجي جيل جي ڊائريءَ به جلد ڇپجڻ واري آهي سا به جلد سائين جي خدمت ۾ پيش ڪندس، پنهنجو هڪ شعر توهان جي نظر ڪرڻ ٿو چاهيان، جيڪو توهان جي ذوق موجب ته ناهي پر پوءِ به منهنجي دل ٿي چوي ته توهان کي ۽ صرف توهان کي ڊيڊيڪيٽ ڪيان

محبت ۾ مئاسين يا ٿئي مات

اڄ ته نه هڻ ڳالهين جا ڪات

ايئن آيو هو پرين مون ڏي

جيئن جڳ ۾ رم جھم برسات

رنگ اٿس رڻ جي ڌوپ!

زلف گھاٽن ٻيلن جي رات

ڪجھه نه ٻڌم نه چپ ڪُڇا

دل جي دل ۾ رهجي وئي هر بات

يار جي نگري آهي ڏور آصف

ڪيئن ڪٽيان مان ڪاري رات.

سائين ميان مير چانڊيو صاحب! پنهنجو تمام گھڻو خيال ڪرڻ سميت اسان کي پڻ دعائن ۾ ياد رکندا.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

مهيشه جيان آئون پنهنجي دوستن حيدر کوسو، عزيز گاڏهي، متماز هنڱورو، جنيد لاشاري ۽ بلال رند سان گڏ ساهي اداري وارن جو ڪلاس اٽينڊ ڪيو، جيڪو هڪ اين جي اوز طرفان مقرر ٿيل آهي، اسين پاڻ ۾ تقريبن 50 جي لڳ ڀڳ قيدي شاگرد روزانو ان اداري ۾ پڙهندا آهيون، انهن شاگردن ۾ مون سميت ڪافي اهڙا شاگرد آهن جن جو تعلق سنڌ جي مختلف يونيورسٽرين سان آهي ۽ ڪجھه شاگرد اسان ۾ اهڙا به آهن جن جي تعليم تمام گھٽ آهي، جيڪي پنهنجو فضول وقت جيل جي  بئرڪن ۾ گذارڻ بدران هن اداري جي ڪلاس اٽينڊ ڪندا آهن، هنن دوستن جي تعليم سان محبت ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي، خوشي ان ڳالهه جي ٿيندي آهي ته ڏکئي وقت ۾ به هنن همت ناهي هاري، ٻين قيدين بدران پنهنجو وقت بئرڪن ۾ فضول وڃائڻ بدران ڪتاب سان دل لڳائي اٿن، ڇو ته انهن قيدي دوستن کي اها خبر آهي ته جھڙي طرح دوستن کان سواءِ زندگي گذارڻ ناممڪن آهي، اهڙيءَ طرح علم کان سواءِ انسان انڌو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب ئي اسان سڀني شاگردن جا بهترين دوست آهن، ڪتاب پڙحن ۽ ان ڪتاب کي لکڻ سمجھڻ مان اسان کي ڪيترائي فائدا حاصل ٿين ٿا، انهن ڪتابن جي مطالعي مان اسان کي دنيا جهان جي باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي، اسان قيدي فضول وقت وڃائڻ بدران دل لڳائي ڪتاب پڙهون ته اسان جو جيل ۾ سٺو وقت گذري ويندو، سٺا ڪتاب پڙهڻ سان سٺي نصيحت ملڻ سان گڏوگڏ ڄاڻ تمام گڻو اضافو ٿئي ٿو، ڪتابن سان گڏوگڏ اسان کي غير نصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ گھرجي ته جيئن اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو رهي، جيئن اسان آزاد ٿي معاشري لاءِ ڪي ڪارائتا فرد ثابت ٿيون.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

ٿر جنهن جي مٽي مُوئي جي خوشبو سان واسيل رهي ٿي!

                 مٺي شھر جي ملاڻي خاندان ۾ انسانيت ۽ رحم دل رکڻ وارو شخص راڻومل ملاڻي اسان جي وچ ۾ ناهن رهيا! تعليمي، سماجي، ادبي، سياسي مرحلن تي پورو لهندڙ راڻو مل ملاڻي ٿرپارڪر جي مٺي شھر ۾ تعليمي سرگرمي ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو. اڄ به ڪيترائي ڊاڪٽر، پروفيسر، ليڪچرار سائين جي محنت سان پنهنجو ڪم انجام ڏئي رهيا آھن. سائين راڻو مل پنهنجو پاڻ هڪ پرائيويٽ سينٽر کوليو جنهن ۾ ڪيترائي غريب ۽ يتيم ٻار اڌ فيس تي پڙھڻ لڳا ۽ گهڻن کي فري ۾ به پڙھايو ويو، سائين راڻو مل ملاڻي هڪ نيڪ دل سچار ۽ انسانيت جي ناتي جو ڀرم هو، هو رنگ ۽ نسل کان مٿانهون هر غريب توڙي امير کي هڪ ئي اک سان ڏسي علم جا زيور پارائيندو رهيو. سماج ۾ اهڙا ڪردار هميشه ماڻھن کي ياد رهندا جن سدائين پنهنجي حياتي ۾ ٻئي جي ڀلي لاءِ سوچيو هوندو. سائين جو نه وسرندڙ ڪارنامو 2010ع واري ٻوڏ ۾ جڏهن مٺي جو شھر ٻڏي ويو هو ته مٺي شھر جي پراڻي سراڻ ڪالوني ۾ ماڻھون ٻڏي ويا هئا ان ڪالوني جي ماڻھن کي پنهنجن هٿن سان ٻاهر ڪڍي آجو ڪرڻ وارو هي شخص ڪڏهن ماڻھن کان وسرندو ڪو نه! ٿرپارڪر ۾ ملاڻي خاندان ۾ سائين راڻو مل جو به ڪردار اهڙي ريت آھي جنهن جي عقل ۽ فهم جي ڪري اڄ ملاڻي جو خاندان ٿرپارڪر ۾ هيرو جي حيثيت طور مڃيو وڃي ٿو، سندس ڀاءُ امر جگديش ملاڻي به انساني دل رکندڙ سٻاجهڙو انسان هو، جنهن ٿرپارڪر ۾ ڪاري دور ۾ پيپلزپارٽي پارٽي جو بنياد رکيو، جنهن جي ثابت قدمي تي اڄ به ملاڻي خاندان محترم بينظير ڀٽو جي پارٽي سان پراڻي روايت رکندو اچي. اڄ ٿرپارڪر هڪ آدرشي انسان ۽ بهترين استاد کان کوکلو بڻجي ويو، جنهن استاد جي محنت جي ڪري ڪيترائي شاگردن ڪامياب ٿيا اڄ انهن جون اکيون آليون آھن ۽ مٺي شھر ۾ سوڳوار جو ماحول پرواز ڪري پيو. اسان ايشور کان اهائي پرارٿنا ٿا ڪريون ته سائين راڻومل جي آتما کي شانتي پراپت ڪري ۽ ملاڻي خاندان کي ڏک جي گهڙي سهڻ جي سگھ ڏئي.

سنڀو لال جوشي/ ڏيپلو ٿرپارڪر

ٿاڻو بڻيل سرڪاري اسپتال ڪلوئي!‎‎

  تمام سرڪاري ادارا توڙي سرڪاري ملازم عوام جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ هوندا آهن پر اسان جي ترقي پذير ملڪن ۽ خاص ڪري سنڌي سماج ۾ ھر شخص عام ماڻهو سان گڏوگڏ ھڪ ڀوتار به ھوندو آھي بلڪل ھڪ مثال اسان جي تعلقي ڪلوئي جي سول اسپتال جي ملازمن جو به آهي، ڪلوئي جي سرڪاري اسپتال ڪنهن ٿاڻي کان گهٽ ناهي جيئن ماڻھو جي ٿاڻي کان وڃڻ کان خوف ٿيندو آھي، بلڪل ايئن ڪلوئي جي سرڪاري اسپتال جو ملازمن جو رويو ڪنهن بدتميز صوبيدار کا گهٽ ناهي. اڪثر ڳالهائڻ مھل ڊپ لڳندو آھي متان ڏاڙھي جي پٽ نه ڪن، هتان عملي کي سرڪار پگهار عوام جي خدمت لاءِ ڏي ٿي، اوهان سرڪار جا ملازم آھيو، عوام جي ٽئڪس مان پگهار وٺو ٿا، هر فرد ٽئڪس ڏي ٿو، ان مان اوهان جي گهر جو چرخو هلي ٿو، اوهان کي پنهنجو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻو پوندو ۽ اوهان نه آقا نه ئي عام ماڻهو اوهان جو غلام آهن، اوهان کي عوام جي خدمت ڪرڻي پوندي، پنهنجو رويو درست ڪرڻو پوندو.

ابراهيم لنڊ/ ڪلوئي، ٿر

مٺو پاڻي ڪيڏانهن ٿو وڃي؟‎‎

  اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي ڪيس هاءِ پروفائيل ٿيڻ کان پوءِ فائيلن تي مٽي ڃمي ويندي آهي، اهڙي طرح ڪجهه سال اڳ زهريلي پاڻي بابت سپريم ڪورٽ ڪاميٽيون جوڙيون هيون، جنهن شھر شھر وڃي پاڻي جا سيمپل ورتا هئا ۽ جڏهن انهن سيمپلن جا ليبارٽري رزلٽ مليا ته اهي ڏاڍا ڀيانڪ ۽ ڇرڪائيندڙ هئا پر نه ڪنهن کي سزائون ڏنيون ويون ۽ نه ئي پاڻي صاف ٿيو !اسان وٽ پاڻي جي نالي زهر پيئڻ لاءِ ڏنو ٿو وڃي، جنهن جي ڪري مختلف قسمن جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون پر مجال آهي جو سرڪار صاف پاڻي مهيا ڪري ڏي پر عمرڪوٽ شهر ۾ انتظاميا مٺي پاڻي سان گڏ زمين جو کارو پاڻي ملائي سپلاءِ ڪري رهي آهي، جنهن سان ننڍا توڙي وڏا هيپاٽائيٽس، ٽائيفائيڊ، سنڌَن جي سورن،  ڊائريا ۽ ٻين ڪيترين ئي بيماريون ۾ وڪوڙجي ويا آهن پر مجال آهي جو انتظاميا جي ڪنن تان جونءِ به سُري. هتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته مٺو پاڻي آخر وڃي ڪيڏانهن ٿو؟ جر جو کارو پاڻي ڏيڻ پويان ڪنهن جا هٿ آهن؟ اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر گذارش ٿا ڪريون ته زهريلي پاڻي وارو ڪيس ٻيهر کوليو وڃي ۽ ذميوار فردن کي سزائون ڏنيون وڃن. جيڪڏهن ايئن ئي اهو قصو هلندو رهيو ته ڪجهه ئي سالن ۾ بيمارين جو تعداد ڪنٽرول کان ٻاھر نڪري ويندو. دليپ آزاد/ عمرڪوٽ