موقعي پرست سياسي اشرافيه ۽ سنڌ جا سُور

0
198
موقعي پرست سياسي اشرافيه ۽ سنڌ جا سُور

 پاڪستان جي قيام بعد جلد ئي ملڪ ۾ شامل قومن سان ٻه اکيائي شروع ڪئي وئي. 1940ع جي قرارداد واري واعدي جي بنياد تي ملڪ ۾ شامل قومن بنگالين، سنڌين، بلوچن ۽ بختونن جي قومي وحدتن، قومي ٻولين، تاريخي حيثيتن ۽ سمورين سچاين کان انڪار ڪندي طاقت جي زور تي زبردستي، مسلمان قوم ۽ پاڪستاني قوم جي گوري ڳيهڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي. بنگال ۾ ته 1948ع ۾ ئي ٻولي واري مسئلي تي احتجاج شروع ٿي ويا پر بنگالي ٻوليءَ واري تحريڪ 1952ع ۾ وڏو زور ورتو. بنگالين جي جائز مطالبن کي قبول ڪرڻ بدران، پاڪستان جي حڪمران طبقي ان کي نظرانداز ڪيو. قومن جي تاريخي حقيقتن ۽ سچائين جو احترام ڪرڻ بدران مذهبي نعرن سان انهن جو ٽوڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي. بنگالين سميت سمورين قومن جي قومي حقن ۽ جائز مطالبن تي سنجيدگي سان سوچ ويچار ڪري حل ڪڍڻ بدران اسلامي نظريي ۽ مذهبي شناخت جي نعري سان بنگالين جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو مقابلو ڪرڻ شروع ڪيو ويو. حڪمرانن وٽ فقط هڪڙو ئي دليل هو ته، اسان سڀ مسلمان ۽ پاڪستاني قوم آهيون، تنهنڪري ڪو به بنگالي، سنڌي، بلوچ يا پختون ڪونهي. قومن جي وجود کان انڪار واري ان نئين نعري اڃان به ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم ڪيو، جنهن جو آخري نتيجو ملڪ جي تباهي ۽ ٻن ٽڪرن ۾ ورهاست واري صورت ۾ مليو.

ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ پنجابي هر شيءِ تي قابض آهن، پختون اقتدار ۾ پنهنجي حصيداري حاصل ڪري چڪا آهن. بلوچن جي صورتحال به اسان کان بهتر آهي. پاڪستان جي سموري تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن وڃايو يا ڀوڳيو آهي، اها سنڌي قوم آهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ بدقسمتيءَ سان ٻاهران آيل مخصوص طبقي، فوج ۽ پنجاب جو ملڪي اقتدار اعليٰ تي قبضو ٿي ويو. سنڌ جو جاگيردار طبقو جيڪو هميشه اقتدار جو بکيو، انتهائي موقعي پرست، ويڪائو رهيو آهي، تنهن حُڪمران ٽولي ۽ پنجاب جي خوشامد ڪرڻ ذريعي اقتدار جي چُوسيل هڏيءَ تي هنبوڇيون هڻڻ ۾ پنهنجي خوشقسمتي سمجھي آهي. سنڌ جي اقتدار تي وڏيرڪي ۽ جاگيردار طبقي جي قبضي سبب اسيمبلين ذريعي سمورا فيصلا، آئين ۽ قانون سنڌ ۽ سنڌين جي خلاف پاس ٿيندا رهيا آهن. قومپرست سياست ۾ پارلياماني سياست کي مڪمل طور تي ناجائز ۽ حرام قرار ڏيڻ کانپوءِ ٻين گھڻن ئي نقصانن سميت سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيو جو اقتداري ايوانن تي ابن الوقت جاگيردار طبقي کي قبضي ڪرڻ جي مڪمل ڇُوٽ ڏني وئي، يا ڏياري وئي. پوءِ ڇا ٿيو جو، اقتدار ۽ طاقت جي شوقين مٿين طبقي هڪ ئي وقت اسٽيبلشمينٽ، پنجاب ۽ نسل پرست ٽولن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ نچندي ڪُڏندي هر اهو ڪُڌو ڪم ڪيو آهي، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌين جو ايندڙ نسل، قومي وحدت ۽ وجود خطري ۾ پئجي ويا آهن. قومپرستن کي احتجاجن، ڌرڻن، هڙتالن، نه کپي نه کپي، ڊاهينداسين، ٺاهينداسين جا نعرا هڻڻ ۽ ڳلي ڦاڙ تقريرن ذريعي ڌنڌي سان لڳائي، آهستي آهستي سنڌ جي سمورن وسيلن تي آئيني طريقي سان قبضا ڪندا اسان جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪائيندا ويا. اسان پنهنجا سمورا وسيلا، روزگار جا ذريعا، سنڌ جا وڏا شهر عملي طور تي ڦُرائي چڪا آهيون. هاڻي حالت وڃي ان حد تي پهتي آهي، جو سنڌين جي حق حڪمراني، قومي بقا سميت سنڌ جي وجود کي شديد خطرا ڪنهن وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي چڪا آهن.

اسان سنڌي اڃان به ويٺا ساڳيا پراڻا گيت ڳائي رهيا آهيون ته، اسان دنيا جي پرامن قوم آهيون، سنڌين پنهنجي پوري تاريخ ۾ ڪڌهن به ڪنهن پاڙيسري قوم تي حملو ناهي ڪيو، اسان صوفي منش، درگذر ڪرڻ وارا، مهمان نواز ۽ تڏي تي لنگھي اچڻ واري کي سڀ ڪجھ معاف ڪري ڇڏڻ وارا سخي مرد آهيون! اسان ايترا ته سادا، مهمان نواز، معاف ڪندڙ ۽ سخي آهيون جو سنڌين جي ڳوٺن تي بمباري ڪندي هزارين بيگناھ سنڌين جو رت وهائيندڙ، سنڌ جي قومي وجود کي هزارين مصيبتون، بڇڙايون، ذلتون ۽ بيماريون بڇيندڙ ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي هلي اچڻ تي به سڀڪجھ وساري کيس اعليٰ لقبن سان نوازڻ ۾ دير ناهيون ڪندا! وقت، حالتن ۽ تاريخ جي سبقن مان ڪجھ سکڻ جي بجاءِ اڃان به اڳي کان اڳرا واري روايتن جي تسلسل کي برقرار رکندي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي روڊن ۽ گھٽين کي سنڌين جي رَتُ سان رڱيندڙ ۽ سنڌي نياڻن جي عزتن کي سري بازار تاراج ڪندڙن لساني تنظيم جي مرڪز تي هلي وڃڻ ۽ گلدستا پيش ڪرڻ ۾ به فخر محسوس ڪندا آهيون. پنهنجو پاڻ ۾ ويهي، هم صلاح ٿي، پاڻ ۾ اتحاد ڪري، هڪ ٿي، پنهنجي سموري طاقت کي گڏائي، سنڌ دشمنن ۽ ويڪائو وڏيرن کي تاريخي شڪست ڏئي، سنڌ جي مُقدر ۾ ڪي چار چڱايون وجھڻ بجاءِ بار بار آزمايل ۽ مُدي خارج عوام دشمن جاگيردار طبقي جي ميرن، پيرن، مرشدن ۽ گادي نشينن سان ڊُڪي وڃي اتحاد ڪرڻ ۾ دير ناهيون ڪندا.

اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو همٿ ڪري حق سچ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو، وقت ۽ حالتن، زميني ۽ معروضي گھرجن مطابق سوچيندو ۽ لوچيندو، سنڌ لاءِ فڪرمند ٿيندو، دليلن سان ڳالهائيندو، علمي، عقلي ۽ نظرياتي بحث ڇيڙيندو، فضيلت ۽ سنجيدگي اختيار ڪرڻ جون صلاحون ڏيندو، ٻڌي، ايڪي، اتحاد، ۽ گڏجي ويهڻ لاءِ بار بار منٿون ڪندو ته، ان جي خلاف بداخلاقيءَ جي بُوڇاڙ ڪبي ۽ ڪرائبي، دنيا ڀر جا الزام هڻبا ۽ هڻائبا، علم، عقل ۽ دليل سان ڳالهائڻ بجاءِ گاريون ڏبيون ۽ ڏياربيون. ڪا سهپ، ڪا رواداري، ڪا فضيلت، ڪا علم، عقل ۽ ڏاهپ واري ٿُومَ ئي ڪانهي، ڪو اخلاق، ڪو مُهذبپڻو، ڪو دليل ڪونهي! بس! جھالت ۽ انائن جي بي لغام گھُوڙي تي چڙهيا ويٺا آهيون، اکين تي گروهي ۽ شخصي مفادن ۽ خالي معتبري جي پٽي ٻڌل آهي، چاڪيءَ جي ڏاند جيان بس هل هلان ۽ ڀڄ ڀڄان آهي. رستي جي ڪا خبر ڪانهي، منزل تي پهچڻ جي ڪا تياري ۽ پلاننگ ڪانهي، ڪا سنجيدگي، ڪا سوچ ويچار، ڪا ڊگھي مُدي واري منصوبا بندي ڪانهي، ڪا مستقل ايجنڊا ڪانهي، ڪا دورانديشي ۽ مستقبل جي خطرن جي ڄاڻ ڪانهي، ذميواريءَ جو ڪو احساس ۽ دشمنن جي طاقت توڙي خطرناڪ منصوبن جو ڪو ادراڪ ئي ناهي يا مصلحتن اڻڄاڻ بڻيا ويٺا آهيون! اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن سنڌ جي قيادت ڪرڻ جون دعوائون ڪندڙن وقت سر پاڻ نه سنڀاليو، پنهنجن عملن ۾، پنهنجين پاليسين ۾، پنهنجن روين ۾ مثبت تبديلي ۽ گھربل سنجيدگي اختيار نه ڪئي ته پوءِ تاريخ کين ڪڏهن به معاف ڪانه ڪندي. تنهنڪري خُدارا وقت نه وڃايو، سنجيدگي ۽ ذميواريءَ جو احساس ڌاريو. ذميواري، سنجيدگي، سهپ، رواداري، علم، عقل، دليل سان هڪٻئي کي قائل ڪرڻ، مثبت بحث ڪري ڪي نتيجا اخذ ڪرڻ سميت گڏيل ۽ بهتر حڪمت عملين ذريعي ئي سنڌ کي هنن سمورن خطرن، مصيبتن، ذلتن ۽ غلامين مان نجات ڏياري سگھجي ٿي.