جدوجهد، مزاحمت ۽ هيڻن تي هلان جي تاريخ

0
132
جدوجهد، مزاحمت ۽ هيڻن تي هلان جي تاريخ

 جيتوڻيڪ ٿوري عرصي لاءِ آيل ھن حڪومت مان ماڻھن کي اميدون هيون، ماڻھو  اهو سوچي ويٺا هئا ته هن حڪومت اچڻ سان غريب ماڻھن جون روزمره جي استعمال واريون شيون سستيون ٿينديون، سنڌو ندي ۾ پاڻي وڌائي ڊيلٽا کي بچايو ويندو، زراعت کي هٿي وٺرائي ويندي،  سرڪاري اسپتالن ۾ ھر دور ۾ ملندڙ ڌڪن کان نجات ملندي، دوائون سستيون ٿينديون، ڊاڪٽر حقيقي مسيحا بڻجي بيمارن جو علاج ڪندا، پر عوام جون اهي ساريون آسون ايئن لڙھي ويون، جيئن ڪنهن درياءَ جو بند ٽٽڻ کان پوءِ ڪچي ۾ گهر لڙھي ويندا آھن.جيتوڻيڪ هڪ ڊگهي عرصي کان سنڌ جا ماڻھو  وڏيرڪي سماج جي اڍنگي اصولن جي عذاب ۾ پيڙبا رهيا آھن. انگريزن جي زماني کان وٺي ماڻھو هر دور ۾ بدلجندڙ حڪومتن مان ڪا نه ڪا توقع رکندا پيا اچن، پر هر نئين حڪومتي دور ۾ وري به اقتدار ۾ اهي ئي ماڻھو   ايندا رهيا آھن، جيڪي جاگيردار طبقي مان  آھن. اهي ان  جاگيرداري سماج جي هر ممڪن حفاظت ڪندا هيٺئين طبقي کي پيڙيندا پئي رهيا آھن، جنهن ڪري سماج ۾ ڪنهن بب طرح سان ڪابه تبديلي نه اچي سگهي آھي.لاقانونيت، ڏاڍ، ڏمر،  هيڻي تي هلان، پراوا حق غضب ڪرڻ، تعليم کي عام ماڻهن لاءِ پوئتي ڌڪڻ، ڪارو ڪاريءَ جي ڪڌي رسم ۽ ٻيون ڪيئي بدڪاريون   سسٽم ۾ موجود رهنديون پيون اچن. ھاڻي سماج کي ڪيئن بدلائجي؟ اهو هڪ سوال هر دور جيان هن صديءَ ۾ به اسان جي سامهون آھي.منهنجي خيال ۾ ان سماج کي بدلائڻ لاءِ ٻن شين جي  انتهائي اهم ضرورت آھي، هڪ ته تعليم ۽ ٻيو انفرادي مفادن کي ختم ڪري اجتماعي سوچ پيدا ڪرڻ. ان کان پوءِ ان لاءِ گڏيل جدوجهد ڪجي ۽ اها جدوجهد ايتري ته طاقتور هجي، جو وقت جي حڪومت به اهڙا قدم کڻڻ تي مجبور ٿئي، جنهن سان عام ماڻھن جي ترقي جون راهون کلن.جيتوڻيڪ ماضي ۾ به اهڙين کوڙ سارين جدوجهدن جا مثال اسان جي سامهون آھن، جن پنهنجا اثر ضرور ڇڏيا آھن، پر جدوجهد هلندي اهي جدوجهدون ايئن جهٽيون  ويون آھن، جيئن باز جهرڪي جهٽيندو آھي. انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي پلاننگ ڪئي ويندي آھي، ماڻهو  ٽوڙيا ويندا آھن، اڳواڻ ويڙھايا ويندا آھن، فتنو ڪرايو ويندو آھي، سنگين حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي، پاڻي بند ڪيو ويندو آھي، ماڻھن کي معاشي تنگدستي ۾ ڌڪيو ويندو آھي، ۽ اهڙو وايو منڊل پيدا ڪيو ويندو آھي، جو مجبور ٿي بک ۽ افلاس ۾ ماڻھو اهڙين جدوجهدن کان لاتعلق ٿي خاموش ٿي ويندا آھن.

سنڌ جي تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته  اڪثر تحريڪون جن ۾ ڊگهيون جدوجهدون ٿيون، اهي سياسي تحريڪون هيون. دنيا ۾ سياسي تحريڪون ئي اثرائتيون ۽ طاقتور رهيون آھن. اهڙين تحريڪن وسيلي ئي نون سماجن ۽ سياست جي جوڙجڪ ٿيندي آھي، پر ڪڏھن سماجي تحريڪون به درياءَ جي ٽٽندڙ ٻنڌ جيان لڙھي وينديون آھن. اها ٻي ڳالھ آھي ته اهي تحريڪون پنهنجا اثر ضرور ڇڏينديون آھن. هن وقت تائين دنيا ۾ هزارين تحريڪون اڀريون، جهڙوڪ: اينٽي وار موومينٽ، سول رائٽس موومينٽ،  چلڊرين رائٽس موومينٽ،  فارم ورڪرز موومينٽ، فيمينسٽ موومينٽ، ھيومن رائٽس موومينٽ، ليبر موومينٽ، پاڪستان جي آزادي جي تحريڪ، ايم آر ڊي ۽ ٻيون انيڪ تحريڪون تيزي سان اڀريون. وقت سر انهن تحريڪن ڪاميابيون ماڻيون پر ڪجھ وقت کان پوءِ انهن تحريڪن جا اثر زائل ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي ويئي، جنهن ڪري انهن مان ڀرپور فائدو ملي نه سگهيو. جيئن اينٽي وار تحريڪ، ملڪن ۾ جنگيون ختم ڪرڻ جي تحريڪ هئي پر اڄ ڏينهن تائين جنگيون بند نه ٿي سگهيون آھن. سول رائٽس موومينٽ، مظلوم قومن جي بچاءَ جي تحريڪ هئي پر اڄ ڏينهن  تائين دنيا ۾ مظلوم قومون طاقتور قومن هٿان نيست نابود ٿينديون رهيون آھن، انهن جا حق غضب ٿيندا رهيا آھن، انهن جا دريا سڪايا ويا آھن، انهن جو سندن ڌرتي تي مالڪي جو حق کسيو ويو آھي، انهن کان تعليم، زراعت ۽ اقتداري ورڇ کسي ٿي وڃي. اهي پنهنجي ئي وطن ۾ ويڳاڻا ٿا ٿين. ايئن به ڪونهي ته طاقتور ڌرين اڳيان پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ خاموش رهجي، ان لاءِ پرامن جدوجهد ضروري آھي. ٻڌي، ايڪي، تعليم ۽ ترقيءَ سان اڳتي وڌڻ جو سوچجي.

جڏھن قوم تعليم جي زيور سان مڪمل آراستا ٿي ويندي، ته سندن حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به دير نه لڳندي.

جيتوڻيڪ آڳاٽي دورن جي ڀيٽ ۾ هن وقت مظلوم ماڻھن لاءِ جدوجهد جون واٽون وڌيڪ سوليون ٿيون آھن،  ڇاڪاڻ ته آڳاٽي دورن ۾ تعليم نه هئڻ ڪري ترقي به  نه هئي، جهالت سبب اقتداري طبقو ماڻھن تي مڪمل حاوي هو، ماڻھو غلامي جي زنجيرن ۾ نسل در نسل جڪڙيا پئي رهيا. آڳاٽن دورن ۾ مظلوم ماڻھن جي ڪا منظم تحريڪ به ڪانه ٿي ملي، پر خاموش جدوجهد ضرور ملي ٿي.  ميرانپور جي مقام تي صوفي شاهه عنايت جي تاريخي جدوجهد، جنهن ۾ سندس سوين ساٿين سميت پاڻ به شھيد ٿيا، هڪ اثرائتي جدوجهد هئي. ميرانپور جي جدوجهد جيتوڻيڪ دور دراز تائين محيط ته نه هئي، پر هن علائقي ۾ اقتداري ڌر جي ڏاڍ خلاف ڪيترائي ماڻھو ازخود ان جدجهد ۾ اچي شامل ٿيا هئا.

ڪلهوڙن جي دور ۾ شاهه لطيف جي شاعري ماڻھن جي جدوجهد لاءِ هڪ اهم پيغام طور سامهون آئي. ڪاپائتي، ڪوهياري، پرڀاتي ۽ کاهوڙي سرن ۾ پرامن جدوجهد جا اهڃاڻ خوب ملن ٿا.

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

هڪ ٻئي هنڌ،

ايءُ نه ڀانن ڀير، جيئن ڪينر ڪِلي ٽنگيو،

سونهاري صبوح سين، وجهي ويٺين وير،

توکي چوندو ڪير، ڪيرت ڌاران مگڻو.

سنڌي شاعرن ۾ ڀٽائي سائينءَ کان پوءِ جنهن قومي  شاعر پنهنجي شاعريءَ وسيلي وقت جي حاڪم جي ظلم خلاف ڀرپور جدوجهد جو پيغام ڏنو، اهو هو خليفو نبي بخش قاسم، جنهن شاه شجاع جي هلان خلاف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڀرپور مزاحمت جو پيغام ڏنو. جيتوڻيڪ انهن شاعرن کان آڳاٽي دور جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ عشق محبت ۽ صوفي فڪر سمايل نظر اچي ٿو. مرزا اسد الله غالب کان ويندي، باهو ۽ بلهي شاهه تائين ڪيترن ئي  اردو، سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي جي شاعرن جي شاعري ۾ امن محبت ۽ انساني جذبا ته خوب ملن ٿا، پر ان شاعري ۾ مزاحمت نه ٿي ملي. جيتوڻيڪ آڳاٽي وقت ۾ رزميا ۽ قصي گو شاعري ٿيندي هئي، بهادرن جا ڳڻ ڳايا ويندا هئا، بادشاهن جي ثنا خواني ٿيندي رهندي هئي، پر ان دور جي شاعري ۾ مزاحمت نه هئڻ برابر ھئي.آئون حدوجهدن جي تاريخ کان ٿيندو، تاريخ جي گهونگهٽ ۾ ڍڪيل شاعريءَ جو عڪس پسي ٻيهر پٺتي موٽان ٿو ته مون کي سنڌ جون زمينون بنجر ملن ٿيون، سنڌ جي ڊيلٽا ويران ملي ٿي، سنڌو درياءُ سڪل ملي ٿو، ماڻھو مانيءَ جي ويلي لاءِ پريشان ملن ٿا. اڪثر تعليمي ادارا ٻارڙن کان خالي ملن ٿا، سرڪاري اسپتالون دوائن کان خالي ملن ٿيون، نوجوانن جا سارا خواب چڪناچور ملن ٿا. هر گذرندڙ ڏينهن بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو، انساني آبادي جي بي پناهه اضافي سان مسئلن ۾ بي پناهه اضافو ٿيندو رهي ٿو. انهن مسئلن جو حل حالانڪه وقت جي حڪومت جي ذميداري هوندي آهي پر اسان وٽ هر نئين حڪومت وٽ پهرين اها ترجيح هوندي آهي ته مخالفن کي اهڙي طرح پوئتي ڌڪي ڇڏجي، جو سدائين سندن حڪومت قائم رهي، ان ڪري ساري حڪومتي  توانائي مخالفن کي چٿڻ تي خرچ ٿيندي رهندي آھي. جيتوڻيڪ ساري دنيا ۾ مد مقابل پارٽين ۾ هڪ ٻئي لاءِ  مخالفت ضرور هوندي آھي، پر پاڪستان ۾ مد مقابل پارٽين ۾ مخالفت ايتري حد تائين هوندي آھي، جيتري پاڙي جي اناڙي ٻارڙن ۾ هڪ ٻئي لاءِ ھوندي آھي، جنهن تي تعجب کائڻ سان گڏ ڪڏھن ڪڏھن کل به ايندي آھي.ھتي اسان جي ملڪ ۾ ھر نئين حڪومت کي ناڪام ڪرڻ لاءِ وک وک تي رنڊڪون وڌيون وينديون آھن، ايئن نه هئڻ گهرجي. وري اقتداري پارٽين کي به گهرجي ته مخالفن کي پاڻ سان گڏ وٺي  ھلن، ۽ گڏجي ملڪ ۽ ملت جي ڀلي لاءِ ڪم ڪن. مخالفن کي اجاين ڪيسن ۾  ڦاسائي کين نه گهلين. سياست ۾ اها روايت وجهڻ نه گهرجي، اهڙين روايتن وجهڻ سان ملڪي ترقي جو سفر رڪجي ٿو وڃي.هاڻي جڏھن هيءَ حڪومت اقتداري سفر جا ڪجھ مهينا پورا ڪري اڳتي وڌي رهي آھي، پر اڃان تائين عوام جي  اکين ۾ ڪو جوت جو نئون ڪرڻو نه جرڪيو آھي. اڃان  تائين  ماڻھن جي من ۾ اداسي جي اونداهي موجود آھي، اڃان تائين نوجوان طبقو ننڊ ۾ پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ پنڌ پڇائي رهيو آھي، اڃان تائين هن ديس جا ماڻھو خوابن جي دنيا ۾ ڀٽڪندا ٿا رهن. جيتوڻيڪ ٿوري ئي وقت ۾ نئين اليڪشن به ٿيڻي آھي، ان لاءِ مختلف پارٽيون سندرا ٻڌي ميدان ۾ لهڻ لاءِ تياريون به ڪري رهيون آھن ۽ ووٽر هينئر کان ئي سندن حمايتي پارٽين لاءِ هڪ ٻئي سان دست و گريبان ٿيڻ وڃي رهيا آھن ۽ هو اڃان تائين سياسي پارٽين سان سندن جذباتي وابستگي سبب خوابن جي دنيا ۾ ڪيترو وقت رهڻا آھن, اها خبر ناهي پر ان کان به انڪار ناهي ته هي ماڻھو صدين کان ڏينهن ڏٺي جي خوابن ڏسڻ  جا عادي رهيا آھن.