حڪمراني “دلپشوري” نه پر عوامي خدمت جو نالو آهي

0
161
سياسي سرچاءِ جو مليل موقعو وڃائڻ نه گهرجي!

چوندا آهن ته ميڊيا سماج جي آرسي آهي، سماج جو عڪس ميڊيا جي آرسيءَ ۾ نظر ايندو آهي. ماڻهن کي ڪهڙي قسم جي حڪمراني ميسر آهي، قانون جو ڪيترو احترام آهي، ان جو عڪس ۽ اولڙو به ميڊيا جي درسنيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، پر سماج ۽ ماڻهن کي ميسر طرزِ حڪمراني جو مهانڊو ايترو خوفائتو ۽ ڊيڄاريندڙ آهي ته ان ۾ آرسيءَ جو ڪهڙو ڏوهه؟ ميڊيا جو ڪهڙو قصور؟ ماضيءَ ۾ سنڌ جو ڪينواس گهڻ- رنگو رهيو آهي، جنهن ۾ امن، سهپ ۽ رواداري، اعليٰ قدرن ۽ روشن روايتن جا رنگ موجود رهيا آهن پر هاڻي اهي سمورا رنگ جهڪا ۽ ڌنڌلا ٿي ويا آهن. هاڻي فقط هڪ ئي غالب رنگ آهي، اهو آهي ريٽو ۽ کهنبو رنگ. اهو رنگ هاڻي سنڌ جي سڃاڻپ بڻجندو وڃي. سنڌ ۾ رتوڇاڻ آهي، قتل ۽ غارت آهي، مارا ماري آهي. ڪنهن کي به قانون جي اوٽ ۽ اجهو ۽ ڏڍ ڪونهي. سنڌ ۾ قانون جي عملداري هڪ خواب بڻجي وئي آهي. ماڻهو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳا آهن. سماج ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، اهو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿئي ٿو. اهي به زمانا هئا، جڏهن اخبارن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ “ڪرائيم ڊائريءَ” جي نالي سان هڪ ننڍڙو باڪس هوندو هو، جنهن ۾ ڏوهن جون خبرون هونديون هيون، پر پوءِ اهو باڪس وقت سان گڏ وسعتون ماڻيندو ويو ۽ هاڻي سڄيون اخبارون ان باڪس ۾ سمائجي ويون آهن. هن وقت سنڌ جون اخبارون “ڪرائيم ڊائرين” جو ڏيک ڏيڻ لڳيون آهن. ڏوهن جون خبرون ايتريون ته گهڻيون آهن، جو ڪنهن ٻي خير جي خبر (ڪا آهي ته) جي لاءِ جاءِ ئي نٿي بچي. هونئن به سنڌ خير جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي. سنڌ جي اخبارن، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي نظر وجهڻ سان قانون جي بالادستي ته پري جي ڳالهه، قانون جي موجودگيءَ جي ثابتي به نٿي ملي. هونئن به ڏوهن جي ڪثير خبرن مان حڪمرانيءَ، قانون جي عملداريءَ جو پڻ پتو پوي ٿو.

قانون جي عملداري نه هجڻ جو مطلب اهو آهي ته، اسان جا حڪمران اقتدار جي خمارن ۾ ايترا ته مخمور آهن، جو انهن کان پنهنجا منصبي فرض به وسري ويا آهن. شايد انهن کي اها ڳالهه به وسري وئي آهي ته امن امان به سندن منصبي ذميواري آهي. قانون جي گمشدگي ڪو افسانو نه پر حقيقت بڻجي سامهون اچي رهي آهي. ماڻهن مان قانون جو خوف ختم ٿي ويو آهي. پنهنجي مرضيءَ سان پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي وچ شهر ۾ قتل ڪيو وڃي ٿو، پر قانون ان جي مدد لاءِ نٿو پهچي، روز ماڻهو ڀُنگ خاطر اغوا پيا ٿين، عورتن کي ڪاري ڪري ماريو پيو وڃي، معصوم ٻارڙا قتل پيا ٿين، ايتري قدر جو پنهنجن گهرن ٻاهران کيڏندڙ معصوم ٻارڙيون به اغوا ڪري ڀُنگ طلب ڪيو وڃي ٿو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پابنديءَ جي باوجود جرڳا پيا ٿين ۽ ڳائي وڄائي ٿين پيا. هُشي ۽ هٿيارن جي زور تي مختلف برادرين وچ ۾ خوني تڪرارن جي باهه ڀڙڪائي پئي وڃي، سنڌ ۾ قيامتِ صغريٰ برپا آهي پر ان جي باوجود حڪمرانن جو راوي “سڀ سک چين” لکي ٿو. ڇا امن امان، ماڻهن جو تحفظ، قانون جي عملداري حڪمرانن جي منصبي فرضن ۾ شامل ناهي؟ سنڌ جي مسند نشين ماڻهن کي آخر ٻيون ڪهڙيون مصروفيتون آهن، جن جي ڪري انهن کي سندن منصبي فرضن کي سرانجام ڏيڻ جي فرصت ئي نٿي ملي؟ بدامني، سماجي ناانصافيءَ، ۽ ٻين انيڪ مسئلن جي خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن. سنڌ احتجاجن جي ڀُونءِ بڻيل آهي، پر مجال آهي جو حڪمران انهن احتجاجن کي سنجيده وٺن. دنيا جي ملڪن ۾ احتجاج عوامي بيچيني ۽ حڪمرانيءَ تي بي اعتماديءَ جو اهڃاڻ سمجهيا ويندا آهن ۽ انهن مان ئي عوام جي مزاج جو اندازو ۽ ڪاوڙ جي پرک ڪئي ويندي آهي پر اسان جي حڪمرانن جي ته “ادا” ئي “او” آهي.

سنڌ جي حڪمرانن کي امن امان جي حالتن ۽ قانون جي گمشدگيءَ تي ڳڻتي نه هجڻ به وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. اسان کي ڳڻتي ان ڳالهه تي به آهي ته، امن امان جي بدتريءَ جو اعتراف به نٿو ڪيو وڃي، ڇو ته اعتراف کان پوءِ ئي ان ڪوتاهيءَ جي خاتمي لاءِ وک کڄي سگهندي آهي، پر جڏهن اعتراف ئي نه ڪيو ويندو ۽ اهڙي ڪارڪردگيءَ لاءِ به “احسن ڪارڪردگي” جي دعويٰ ڪئي ويندي ته بهتريءَ جي اميد ڪيئن ڪري سگهبي! اهو ياد رکڻ گهرجي ته حڪمراني دلپشوريءَ جو نالو نه پر عوامي خدمت جو نالو آهي.