منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ لاٿ، روڊ رستا اڃا ٻڏل

0
273
منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي

منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، پاڻيءَ جي ليول 116 آر ايل ٿي وئي

35ڏينهن گذرڻ باوجود ڀان سيد آباد کان سيوهڻ تائين انڊس هاءِ وي بحال نه ٿي سگهيو

انڊس هاءِ وي کي لڳل ڪٽ بند ڪرڻ جو ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي، ٻڏي ويل ٽن يوسيز بوبڪ، واهڙ ۽ جعفرآباد ۾ ڪٿي به بحاليءَ جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو

متاثر يوسيز ۾ اڃا به 8 کان 10 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب رهواسين کي پريشانيون ڀوڳڻيون پئجي رهيون آهن، جڏهن ته بيمارين به ڪر کنيو آهي

ھي به پڙھندا

حيدرآباد: هاري ڪميٽي جي سڏ تي حيدر چوڪ کان پريس ڪلب تائين سنڌ بحالي مارچ

ميھڙ جي اسڪولن کي ٻوڏ متاثرن کان خالي ڪرايو ويو