سردارن کي ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهچائينداسين:اُم رباب چانڊيو

0
526

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اُم رباب چانڊيو جَي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار علي گوھر چانڊيو جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

پيپلز پارٽي ايم پي اي سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران برھان خان چانڊيو جي وڪيل شھاب سرڪي دليل ڏنا

عدالت ايم پي اي برھان چانڊيو جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي ضمانت منظوري خلاف درخواست به رد ڪئي وئي

 عدالت ٽرائل ڪورٽ کي حڪم ڏنو ته جوابدارن تي 15 ڏينھن ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ سان گڏ ٽن مھينن ۾ اھم شاھديون رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو

برهان چانڊيو جي وڪيل دليل ڏنا ته ڪمپلين ڪندڙ ڪرم الله پاڻ 17 قتلن ۾ ملوث آھي، اھو رڪارڊ مليو آهي، برادرين جو پاڻ ۾ پراڻو جھيڙو ھلندڙ آھي، ڪيترائي دفعا ٺاھ به ڪيو ويو آهي

ام رباب جي وڪيل ڪيس کي ميھڙ مان ڪراچي منتقل ڪرڻ مطالبو ڪيو، پر عدالت استدعا رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته سردار چانڊيو چيو ته ڪيس سپريم ڪورٽ مان به رد ٿي ويو آهي

اُم رباب جي وڪيل چيو ته جوابدارن پنھنجي پسند جي جج ڏانهن ڪيس ٽرانسفر ڪرايو، جنھن ڪري ڪيس ملتوي ٿيندو رھيو

ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي مان افغان بستي ختم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي 15ڏينهن اندر  فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ٽرائل ڪورٽ کي ٽن مهينن اندر ڪيس اُڪلائڻ جي هدايت ڏني وئي، سردار چانڊيو جي ضمانت منظور ٿيڻ خلاف به درخواست رد ڪئي وئي

سردارن کي ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهچائينداسين:اُم رباب چانڊيو

ام رباب چانڊيو چيو آھي تھ ٽيڻي قتل ڪيس جي جوابدار سردارن کي ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهچائينداسين، برهان چانڊيو جي ضمانت اُن شرط تي ٿي آهي ته هاڻي جوابدار فرد جرم کي منهن ڏيندا

ميڊيا سان ڳالھائيندي ام رباب چانڊيو چيو تھ اميد آهي ته اسان کي ٽن مهينن اندر انصاف ملي ويندو

ھي به پڙھندا

ام رباب گهر ڀاتي قتل ڪيس: برهان چانڊيو کي آخري مهلت

ميھڙ واقعو، ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي، اسان کي ڌمڪيون ملي رھيون آھن: ام رباب