ام رباب گهر ڀاتي قتل ڪيس: برهان چانڊيو کي آخري مهلت

0
778
ام رباب گهر ڀاتي قتل ڪيس
ام رباب گهر ڀاتي قتل ڪيس: برهان چانڊيو کي آخري مهلت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ميھڙ ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي برھان چانڊيو، پرويز چانڊيو ۽ علي گوھر چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
عدالت ايم پي اي سردار چانڊيو کي پيش ٿيڻ لاءِ آخري مھلت ڏئي ڇڏي ، جسٽس صلاح الدين پنھور تي ٻڌل سنگل بينچ آڏو ام رباب چانڊيو پنھنجي وڪيل سميت پيش ٿي
جوابدارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فيبروري ۾ ٽرائل ڪورٽ ھڪ جوابدار جي ضمانت ۾ واڌ ڪئي ھئي، برھان چانڊيو جي ضمانت واپس ورتي وئي آھي، ڪيس مان دھشت گردي جا قلم ختم ٿي چڪا آھن
برھان چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيل شھاب سرڪي چيو ته سردار چانڊيو جي ضمانت ۾ واڌ ٿي چڪي آھي، جنھن کي فريادي چيلنج ڪيو آهي،

ھي به پڙھندا

پراسيڪيوٽر سردار ۽ برھان چانڊيو جي سپورٽ ڪري پيو: ام رباب

ميھڙ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي: سردار ڪيس کان ڀڄي رھيا آھن: ام رباب چانڊيو

اسان جو موقف درست ثابت ٿيو، سردار ڀائر قتل ڪيس ۾ ملوث آهن: ام رباب چانڊيو

دادو: ام رباب چانڊيو جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 28 آگسٽ تائين ملتوي

ام رباب چانڊيو سنڌ جي سردارن جاگيردارن خلاف تحريڪ جو سڏ ڏئي ڇڏيو

سردار چانڊيو جي ضمانت رد ڪيو، ام رباب درخواست داخل ڪرائي ڇڏي