مقصدِ ڪربلا

0
152
ڪوفي ڪربلا ۾ پاڻي نه پيارين

 حضرت امام حسين عليه السلام جي ڪربلا ۾ قرباني  هر انسان لاءِ هڪ سوچ ۽ فڪر مهيا ڪري ٿي ته ڪيئن هي عظيم سانحو انسانيت کي بقا ڏئي ويو.

حضرت امام حسين عليه السلام تاريخ انسانيتِ ۾  بني بَشر جِن وَ اِنس جا مُحسن آهن جن  پنهنجي  ڪردار ۽ گُفتار سان ڪربلا ۾ قاتلن کي به روئڻ ته مجبور ڪيو ۽ اهو مڃرايو ته ظالم ۽ مظلوم،سچائي ۽ برائي ۾ هميشه فتح حق ۽ سچ جي ٿيندي آهي يزيديت ظاهري مال ۽ ملڪيت زر و دولت  وقتي طور هوندي به هار کاڌي ۽ بقا رهندي دنيا تائين حُسينيت جي ٿي آهي ۽ رهندي پئي اچي.

هر  باشعور با ضمير ۽ غيرتمند انسان جيڪو شعوري طور عالم انسانيت جو حامي آ هي اهو ڪڏهن به ڪربلا ۾ امام  ۽ امام جي اهل وعيال دوستن ۽ احبابن جي قرباني کي نٿو وساري سگهي.

اي حسين ابن علي سب پر تيرا احسان هي

وه تيرا ممنون هي جو باضمير انسان هي

           ٿورو غور فڪر  ڪيو جيڪڏهن  امام عالي مقام جن ڪربلا  ۾ يزيدي فوج سان مهاڏو نه اٽڪائين ها ۽ اسلام جي بقا لاءِ جان جو نظرانو نه ڏين ها تي هن وقت  اسلامي دنيا ۾ حرام ۽ حلال جي خبر نه پوي ها، رشتن جو تقدس پامال  ٿي پوي ها.حق ۽ باطل ۾ فرق نه رهي ها.

حضرت امام حسين عليه السلام عالم اسلام جا اهي محافظ آهن جن  ڪربلا ۾  پنهنجو خون ڏئي اسلامي قانونن جي پاسداري ڪري يزيديت کي رهندي دنيا تائين مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. ڪربلا  کي صرف محرم الحرام  ۾ ياد ڪرڻ ئي ضروري ناهي ڪربلا ته هر دور جي پڪار آهي.  هي ته هر انسان جي آواز آهي، هتي نه نسل جي جهل آ نه رنگ ۽ مذهب جي، اڃا ته وقت ثابت ڪندو ته  امام عالي مقام سڀني جو رهنما عالمي اڳواڻ ۽ محسن انسانيت آهن.

  انسانيت ڪو بيدار تو هو ليني دو

هر قوم پڪاري گي هماري هين حسين

مقصد امام حسين عليه السلام جي قرباني  کي سمجهڻ  انتهائي اهم ۽ وقت جي ضروت آهي جنهن انهي  کي پرکيو ۽ سمجهيو  اهي ڀلي پار پيا آهن، ڪيترائي اڄ به رڃ  ۾ رلي بيڪار مري رهيا  آهن ڇو ته اسلام جي واڌ ويجھه جو اهم ۽ ڪارگر ذريعو، رهيو ئي ڪردار جي سٺائي ۽ اخلاق جو بهترين  هجڻ آهي. ڪربلا جو درس نرالو ۽ سبق سهڻو رهيو آهي جيڪو اسلام جي بقا لاءِ ضرري به هو. ڪربلا ۾ امام ع جن جنگ جي لاءِ هرگز نه آيا هئا دوستو…..! امام عالي  مقام جن  ته  هر مقام ۽ منزل  تي فرمايو هو ته مان پنهنجي ناني جي دين جي حفاظت ۽  امت  محمدي صه جي  اصلاح لاءِ مديني کي ڇڏيو آهي نيڪي جو حڪم  ڏيڻ ۽ برائي کي روڪڻ ئي مقصد آهي.

 اسلام جي به عجيب ۽ غريب تقدير رهي جو امام حسين عليه السلام جن  کي مسلمانن ئي شهيد ڪيو.

ڪيا تماشا هوا اسلام ڪي تقدير ڪي ساٿ

قتل شبير هوا نعره تڪبير ڪي ساٿ

ڪربلا ۾  يزيدي فوجون امام جي خون جون پياسيون ٿي پيون هيون هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ 72 ڄڻن کي مارڻ لاءِ پهتا هئا.

ڪوئي ڪهه دي حڪومت ڪي نگهبانون سي

ڪربلا اڪ ابدي جنگ هي سلطانون سي

ڪربلا جي تياري 28 رجب  سن 60 هجري کان شروع ناهي ٿي اها ته ازل کان پئي اچي اڄ به حق ۽ باطل جي جنگ جاري آهي، ڪوڙ سر بچائي به خوار خراب ٿي لعنت جو حقدار ٿيو ۽ حق سچ سر ڪٽرائي به قرآن پئي پڙهيو. هي مهينو هڪ ياد سان گڏوگڏ ڪيترائي سوال  پڻ کڻي ايندو آهي ته اسان هر سال هن ڪربلا جي قرباني مان ڪهڙا ۽ ڪيترا سبق پرايا آهن. يقينن هن محرم الحرام جي مهيني ۾  حضرت انسان کي بيدار ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي اصلاح ڪري همٿ ۽ جدوجهد سان يزيدِ وقت سان جنگ جوٽي انهي کي شڪست ڏيڻ گهرجي.

[email protected]